94

ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس، فرانسيسي سفير ملڪ بدر نه ٿيندو، معاهدو طئي ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي ۾ معاهدو طئي ٿي ويو، ڪاميٽي قائم، ٽي ايل پي کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو ويندو، گرفتار ڪيل ڪارڪن آزاد ڪيا ويندا، تحريڪ لبيڪ به فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جي مطالبي تان هٿ کڻي وئي، خانگي ٽي وي رپورٽ موجب مذهبي اڳواڻ مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته معاهدو ڪنهن جي فتح يا شڪست ناهي، مناسب وقت تي تفصيل ٻڌائينداسين، ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ملندي، جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سڀني مسئلن کي نظر ۾ رکندي امن جو رستو ڳوليو آهي، ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، اسان سرخرو ٿيا آهيون، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن جي حافظ سعد رضوي پڻ حمايت ڪئي آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ۽  پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي ۾ ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ حڪومتي وفد پاران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽  مملڪتي وزير علي محمد خان معاهدي تي صحيحون ڪيون مفتي منيب الرحمان معاهدي جو ضامن هوندو، ٽي ايل پي کي پابندي مڙهيل تنظيم قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو ويندو، تنظيم اڳتي ڪنهن لانگ مارچ يا ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪندي، دهشتگردي سميت سنگين ڪيسن کي منهن ڏيڻو  پوندو، عدالت مان ڪيسن بابت رليف ورتو ويندو، مظاهرين هڪ ٻن ڏينهن ۾ گهر واپس ويندا، ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيلن جي خلاف حڪومت ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪندي، پابندي مڙهيل تنظيم اڳتي سياسي جماعت طور شريڪ ٿيندي، جڏهن ته اهو پڻ طئي ٿيو ته حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم جا گرفتار ڪيل ڪارڪن آزاد ڪندي، معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ حڪومتي وفد پاران اسد قيصر، شاهه محمود قريشي ۽ علي محمد خان، جڏهن ته ٽي ايل پي جي مجلس شوريٰ جي ميمبر علامه غلام عباس فيضي ۽ مفتي محمد عمير ۽ مفتي منيب الرحمان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، وفاقي حڪومت سان معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي جي قيادت ڪنهن به وقت ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي، هوڏانهن ڪارڪنن واپسي جي لاءِ پنهنجو سمورو سامان ٻڌي ڇڏيو آهي، ان وقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ معاهدو طئي ٿيو ويو آهي، جنهن جي حافظ سعد رضوي به حمايت ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان ٽي ايل پي ڌرڻي بابت خصوصي ڪاميٽي قائم ڪئي، جنهن ۾ سنجيده ۽ اهم اڳواڻ شامل هئا، ڌرين ۾ اتفاق راءِ سان طئي ٿيل معاهدو ڪنهن جي فتح يا شڪست ناهي پر اها پاڪستان، اسلام ۽ انساني جانين جي حرمت جي فتح آهي، ڳالهيون سنجيده ماحول ۾ ٿيون آهن، ڇڪتاڻ جي فضا ۾ جذبات کي ڪنٽرول ۾ رکڻ عقلمندي آهي، هن چيو ته معاهدي سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ملندي، معاهدي جا تفصيل مناسب وقت تي سامهون آڻينداسين، ايندڙ هفتي معاهدي جا مثبت نتيجا سامهون ايندا، معاهدي جي نتيجن ۾ هڪ اسٽيرنگ ڪاميٽي ٺاهي آهي، ڪاميٽي جي سربراهي علي محمد خان ڪندو، جڏهن ته ان ۾ حڪومت پاران قانون وارو صوبائي وزير راجا بشارت، صوبائي گهرو سيڪريٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ تحريڪ  لبيڪ پاران مفتي غلام غوث بغدادي ۽ انجنيئر حفيظ الله علوي شامل آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي، ماڻهن کي زخمي ٿيندي ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچندي ڏٺو، سمورن مسئلن کي سامهون رکندي امن جو رستو ڳوليو، هن چيو ته مفتي منيب الرحمان، مولانا بشير فاروقي، صاحبزاده حامد رضا ۽ ثروت اعجاز قادري جا ٿورائتا آهيون، انهن عالمن وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، ڏڦيڙ ۾ پاڪستان جو نقصان ٿيندو، الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو