ڊيره غازي خان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم چيو آهي ته تبديلي سرڪار ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، نااهل حۡڪمرانن مان جند ڇڏائڻ کانسواءِ ٻيو رستو ناهي، عوام پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري اچي، ڊيره غازي خان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 3 سال اڳ ملڪ ترقي جي رستي تي هيو، هن وقت عوام جو مهانگائي سبب خراب حال آهي، دوائن جون قيمتون 400 سيڪڙو وڌيون آهن،بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، غربت عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، اڳ ۾ڪير چوندو هو ته ڊالر مهانگو ٿئي ته سمجهو وزيراعظم چور آهي؟، جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان سان عالمي دنيا جو ڪوبه اڳواڻ هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه هو، آمريڪا اڏا گهريا ئي نه هئا، حڪمران چون ٿا نه ڏينداسين، ملڪ جي معيشت مضبوط هوندي ته پرڏيهي پاليسي به مضبوط ٿيندي، اڄ صورتحال اها آهي جو اسان جا حڪمران ڪٿي وڃن ٿا ته فقيرن وانگر بيهن ٿا، نوڪريون ته مليون ڪونه پر لکين ماڻهو بيروزگار ڪيا ويا، پاڪستان ڪشميرين جي لاءِ ڪوبه آواز نه پيو اٿاري، ڌانڌلي جي پيداوار حۡڪومت ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، پهريان اها ناجائز حڪومت هئي هاڻي نالائق ۽ نااهل به ثابت ٿي آهي، جنهن ملڪ جي معيشت ڪري پئي اهو پنهنجو وجود ٻيهر برقرار نٿو رکي سگهي، سوويت يونين جو مثال سڀني آڏو آهي، موجوده حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، ٻيا ملڪ ترقي ڪري ويا، اسان پوئتي رهجي ويا آهيون، حۡڪمرانن مان جند ڇڏائڻ لاءِ عوام رستن تي اچي.
