اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ-سعودي ڀائراڻا لاڳاپا وقت جي ڪسوٽي تي هميشه ثابت قدم رهيا آهن، سعودي عرب جي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، گڏيل لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، اهي فائدي وارا بڻائڻ جو خواب آهي، مختلف شعبن خاص ڪري واپاري لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين ثابت قدم رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ-سعودي انويسٽمينٽ فورم قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، سعودي ويزن 2030ع لاءِ پاڪستاني افرادي قوت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڪاروباري شعبن ۾ نوان رستا ڳولڻ جو موقعو مليو، نئون پاڪستان ۽ سعودي ويزن 2030ع سماجي ۽ اقتصادي اصولن تي ٻڌل آهي.
112