185

پاڪستان کانپوءِ ڀارت نيوزيلينڊ هٿان به رسوا، سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم کي پاڪستان کانپوءِ نيوزيلينڊ هٿان به رسوائي ملي آهي، اهم مئچ ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏيڻ سان گڏ سندس سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا به چانس گهٽائي ڇڏيا آهن، سپر 12 جي اهم ميچ ۾ ڀارتي سورما ڪوهلي، روهت، ڪي ايل راهول، رشڀ پنت، هارتڪ پانڊيا ۽ جديجا ناڪام ويا، ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ کي اهم ميچ ۾ 111 رنسن جو آسان هدف ڏنو، جديجا 26 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو، نيوزيلينڊ طرفان ايش سوڊي روهت شرما ۽ ڪوهلي جون اهم وڪيٽون ورتيون، بولٽ به 3 وڪيٽون ورتيون، 111 رنسن جو هدف ڪيوي ٽيم 15هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ڊرين مچل 49 ۽ وليمسن 33 رنسن جي اننگ کيڏي، هاڻ ڀارتي ٽيم جي ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا چانس گهٽجي ويا، ڀارتي ٽيم پنهنجا رهيل سمورا مئچ کٽي ۽ افغانستان، نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي تڏهن ڀارتي ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا ڪجهه چانس ممڪن آهن.  ٻي صورت ۾ ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ مان گهر جي ٽڪيٽ وٺندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو