199

ٽنڊوالهيار ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ڪهاڙيون هڻي نوجوان قتل، جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار (ويب ڊيسڪ) پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اميد علي خاصخيلي ۾ معمولي ڳاله تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ لالچند عرف لالو ڀيل ڪهاڙين جا وار ڪري 26 سالا عبدالخالق پٽ امام بخش خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پيارولنڊ پوليس جوابدار لالچند عرف لالو ڀيل کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب مقتول عبدالخالق خاصخيلي ۽ لالچند ڀيل وچ ۾ ڪجه ڏينهن اڳ معمولي ڳاله تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن سبب کيس لالچند قتل ڪيو، اسان جوابدار کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

ٽنڊوالهيار ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ڪهاڙيون هڻي نوجوان قتل، جوابدار گرفتار” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو