121

پي ڊي ايم کي نازڪ موقعي تي منفي سياست نه ڪرڻ گهرجي: عثمان بزدار

لاهور (ويب ڊيسڪ)  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار اپوزيشن جماعتن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم کي نازڪ موقعي تي منفي سياست نه ڪرڻ گهرجي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته هي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو وقت نه پر پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق جو وقت آهي، موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جماعتن کي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها، سڀ کان پهرين اسان سڀني جي لاءِ پاڪستان جو مفاد پهرين ترجيح وارو هجڻ گهرجي، هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان معاملا بهتر طريقي سان حل ٿي ويا آهن،  ٻئي طرف وڏي وزير عثمان بزدار مري ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪرڻ ۽ غير قانوني عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو