519

حيدرآباد بجلي چوري ۾ عملدار پاڻ ملوث نڪتا، 4 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد بجلي چوري ۾ عملدار پاڻ ملوث نڪتا، 4 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي حيدرآباد بجلي چوري ڪرائڻ جي الزام ۾ حيسڪو جي ايس ڊي او  سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، انسپيڪٽر مسرور بلوچ چيو آهي ته چئني جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو، جوابدار بجلي چوري ڪرائي سرڪاري خزاني کي نقصان پھچائڻ ۾ ملوث رھيا آھن، چارئي جوابدار سب ڊويزن سٽيزن ۾ مقرر آھن، جوابدارن ۾ ايس ڊي او وقاص بلوچ، ايم ايس لياقت بلوچ، ايل ايس عمران حفيظ ۽ ميٽر ريڊر رياض حسين شامل آھن، گرفتار ٿيل جوابدارن کي ايف آءِ اي ڪسٽڊي هيٺ عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، عدالت رمانڊ جي استدعا منظور ڪندي 3 ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو