اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جو ٽيون ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪيو ويو آهي. هڪ مهيني جي اندر ئي حڪومت نيب جي آرڊيننس ۾ ٻيو ڀيرو ترميم ڪئي آهي، ٻي آرڊيننس ۾ شامل ڪيل ڪجهه شقن کي ڪڍي اڳ واريون شقون پڻ واپس ئي بحال ڪيون ويون آهن. ٻيو ترميمي آرڊيننس 6 آڪٽوبر تي جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ پڻ ٻيهر تبديلي ڪري ٽيون آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. جيڪو ٻي آرڊيننس جي جاري ٿيڻ واري تاريخ کان ئي لاڳو سمجهيو ويندو. ان ٽين ترميمي آرڊيننس هيٺ دوکي ۽ هيرا ڦيري جا ڪيس واپس نيب حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مضاربه ڪيس به واپس نيب کي ڏنا ويا آهن.نيب آرڊيننس هيٺ شهباز شريف، مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي کي ڪو رليف نه ملندو ۽ انهن تي سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس لاڳيتو هلندا رهندا. آرڊيننس 6 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو ۽ 6 آڪٽوبر کان اڳ جا فراڊ جا سمورا ڪيس نيب ٻڌي سگهندو، جعلي اڪائونٽس جا پراڻا ڪيس آرڊيننس هيٺ جاري رهي سگهندا.آرڊيننس هيٺ نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل کان واپس ورتو ويو آهي، نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو ۽ نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار صدر کي هوندو. آرڊيننس موجب نيب چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ اهو ئي بنياد هوندو، جيڪو سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ هوندو آهي. ٽين نيب ترميمي آرڊيننس هيٺ ضمانت جي ناڻي جي ماليت مقرر ڪرڻ جو اختيار به نيب عدالت کي ڏنو ويو آهي. 6 آڪٽوبر تي نيب آرڊيننس جاري ٿيڻ سان نيب قانونن ۾ مونجهارا سامهون آيا هئا ۽ آرڊيننس ۾ ڏوهه جي ماليت جي برابر مچلڪا جمع ڪرائڻ جو شرط رکيو ويو هو، جڏهن ته نيب آرڊيننس تحت نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت نيب آرڊيننس جي وضاحت لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي.
