155

ڪابل ۾ فوجي اسپتال تي آپگهاتي حملو، بدري فورس سربراهه سميت 25 ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي

ڪابل (م ڊ)ڪابل ۾ فوجي اسپتال تي آپگهاتي حملو، بدري فورس سربراهه سميت  25  ڄڻا مارجي ويا، 50 زخمي، رپورٽ موجب  ڪابل جي سردرا محمد خان دائود ملٽري اسپتال جي گيٽ وٽ بم ڌماڪو ٿيو، داعش دهشتگرد اسپتال ۾ داخل ٿيا ته اهلڪارن سان مقابلو ٿي پيو، آپگهاتي حملي ۽ فائرنگ جي   شديد ڏي وٺ ۾ طالبان جي بدري 313 فورس جي سربراهه مولوي حمدالله رحماني سميت 25 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌان شاهديون هٿ ڪيون آهن، ياد رهي ته 400 بسترن تي ٻڌل وڏي فوج اسپتال تي ان کان اڳ 2011 ۽ 2017 ۾ به حملي دوران وڏو جاني نقصان ٿيو هو، بئي طرف طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پڻ تصديق ڪندي چيو آهي ته داعش جي حملي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿيا آهن، مولوي حمدالله رحماني به مارجي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو