96

ُپنجاب حڪومت جوسعد رضوي جي آزادي خلاف اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، 1060 ڪارڪن آزاد

لاهور / اسلام آباد ( م ڊ )حڪومت عالمن جي ٽياڪڙيءَ هيٺ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ٿيل معاهدي تي عمل پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن هيٺ ُپنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي جي آزادي خلاف اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  پنجاب جي گھرو کاتي موجب سعد رضوي جي آزادي جي خلاف پنجاب حڪومت طرفان داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جڏهن ته معاهدي تي عمل ڪندي  1060 ڪارڪن آزاد پڻ ڪري ڇڏيا آهن. احتجاجي مارچ دوران 2060 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو ، جن مان ٻن ڏينهن ۾ 1060 ڪارڪن آزاد ٿي چڪا آهن، باقي رهيل هڪ هزار ڪارڪنن کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. پر ۾ڪيسن ۾ نامزد ڪارڪن آزاد نه ٿي سگهندا. هوڏانهن اسلام آباد ۾ پڻ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي ازاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ٻي پاسي تحريڪ انصاف وچ پنجاب جي صدر سينيٽر اعجاز احمد چوڌري چيو آهي ته  ٽي ايل پي سان سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جلد شروع ڪنداسين. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعجاز چوڌري چيو ته  تحريڪ لبيڪ سان حڪومتي معاهدو سٺو سنئوڻ آهي ۽ پرامين آهيان ته معاهدو جلد پورو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سعد رضوي جي آزادي تي گلدستو کڻي ملاقات لاءِ ويندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو