560

سنڌ ڪابينا وفاق کان حصي موجب ڀاڻ ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي، بي آر ٽي جي ڀاڙن ۾ واڌ جي تجويز رد

سنڌ ڪابينا وفاق کان حصي موجب ڀاڻ ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي، بي آر ٽي جي ڀاڙن ۾ واڌ جي تجويز رد

ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ )  سنڌ ڪابينا مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ ڪيترن ئي مالي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ان وفاقي حڪومت کان سنڌ کي پنهنجي حصو موجب يوريا ڀاڻ ڏيڻ جي گهر پڻ ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ سرڪاري بجلي بلن جي ادائگي لاءِ 29.379 ارب روپيا، شهر جي روڊن تي 50 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ لاءِ 768.6 ملين روپيا ۽ انٽرا ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس جي سبسڊي لاءِ 579.756 ملين روپين کان علاوه ڪابينا لنڪ روڊ انٽرچينج جي تعمير لاءِ 1.1 ارب روپيا، کيرٿر نيشنل پارڪ جي حدبندي ۽ چوديواري مرمت لاءِ 33.956 ملين روپيا، ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ ٽن اسڪولن جي تعمير لاءِ 1424.720 ملين روپيا ۽ هندو جيمخانا بحالي لاءِ 115 ملين روپيا شامل آهن. اڱاري ڏينهن وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن صوبائي نگران وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ڪابينا کي ٻڌايو ته سمورن 30 ريٽرننگ آفيسرن/ ڊپٽي ڪمشنرن کي عام چونڊن ۾ خرچن لاءِ 300 ملين روپيا ڏنا ويندا، جنهن مان  هر هڪ کي 10 ملين روپيا ڏنا ويندا، کوٽ جي صورت ۾ واڌو فنڊ الڳ الڳ ڪيسن جي بنياد تي پڻ ڏئي سگھجن ٿا. ڪابينا ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪاني چونڊن جي پراڻن خرچن جي ادائيگي لاءِ 168 ملين روپيا ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني. زراعت کاتي وفاقي حڪومت پاران درآمد ڪيل 52800 ملين ميٽرڪ ٽن ڀاڻ لاءِ 4.012 ارب روپين جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ آهي جنهن جي شڪايت کيس حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر دوري دوران آبادگارن پڻ ڪئي. سنڌ ڪابينا خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته صوبو قومي گيس جو ٽوٽل 70 سيڪڙو پيدا ڪرڻ باوجود امپورٽ يوريا خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. ڪابينا وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته سنڌ کي ان جي حصي مطابق يوريا ڀاڻ ڏنو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ سنڌ حڪومت جي سمورن اليڪٽرڪ ڪنيڪشنن جي خلاف مرڪزي ادائيگي وارو عمل 2019ع ۾ شروع ٿيو. ادائگي لاءِ هر سال اڪيلي سر بجيٽ مقرر ڪئي ويندي هئي پر بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ سنڌ حڪومت جي ڪنيڪشنن سبب 41.5 ارب روپين جي رکيل بجيٽ ڪافي نه آهي. توانائي کاتي جو چوڻ آهي ته 41.5 ارب رپين جي مختص ڪيل بجيٽ مان سيپٽمبر 2023ع تائين حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي 35.736 ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي انهن وٽ رڳو 5.764 ارب روپيا بچيا آهن جيڪو هڪ اڌ مهيني جي بجلي چارجز لاءِ ڪافي نه آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته موجوده ماهوار بجلي چارجز جا سراسر 5300 ملين روپيا آهن ۽ هلندڙ مالي سال 24-2023ع جي ايندڙ 8 مهينن لاءِ جون 2024ع تائين 42400 ملين روپيا (5300×8=42400 گهربل آهن. غور ويچار کان پوءِ ڪابينا 29.376 ارب رپين جي رقم جي منظوري ڏني ته جيئن بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي اپريل 2024ع تائين سنڌ حڪومت جا بجلي جا بل ڀرڻ لائق ڪري سگهجي. صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي آهي جيڪا ٽيليفون انڊسٽريز آف پاڪستان (TIP) پاران ڪرائي تي ڏيڻ واري ماڊل تحت هلائي پئي وڃي. هن وقت ڪراچي جي ٽن رستن تي 50 مان 40 بسون هلي رهيون آهن جن ۾ 10 بسون اسٽينڊ بائي تي آهن. ٽي آءِ پي صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي آهي ته آپريشنل اليڪٽرڪ بسن تي معاهدن سان گڏوگڏ سيڙپڪاري جي تجويزن تي صحيح ڪري. پروجيڪٽ ۾ اليڪٽرڪ بسن جي فراهمي ۽ آپريشن، گرين انرجي سهولتن جي ترقي ۽ سنڌ ۾ EVs لاءِ اسيمبلي ڪٽ پلانٽس جي ترقي شامل آهي. ٽي آئي پيEV  جي چارجنگ، ڊپو انفراسٽرڪچر ۽ متبادل توانائي جي پيداوار سان گڏ اليڪٽرڪ بسن جي سپلائي، آپريشن ۽ مينٽينينس لاءِ ”مسواڙ تي پنهنجي مالياتي ماڊل) جي تجويز پيش ڪئي. هن ماڊل تحت ٽي آئي پي EV بسن جي فراهمي ۽ هلائڻ لاءِ گهربل فنڊن جو 100 سيڪڙو سيڙپ ڪندو ۽ گڏيل رضامندي سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مسافرن جي ٽڪيٽ جي قيمتن کي گڏ ڪندي. سنڌ حڪومت کي 8 سالن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ليز، آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ ٽي آءِ پي کي في بس جي بنياد تي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق ٿيل ماهوار ليز ادائيگي (ڪراچي لاءِ) فراهم ڪرڻي آهي. 9 ميٽرن جي اليڪٽرڪ بسن جي ماهوار ادائيگي 3350 ڊالر ۽ 12 ميٽرن لاءِ 4500 ڊالر آهي، 8 سالن جي بس آپريشن کان پوءِ بسن جي مالڪي سنڌ حڪومت کي منتقل ڪئي ويندي. نگران ڪابينا 768.6 ملين روپيا في سال جي منظوري ڏني جنهن ۾ O&M ۽ 50 اليڪٽرڪ بسن لاءِ (215 في ڪلوميٽر  50×71500) اٺن سالن لاءِ ليز جي ادائيگي شامل آهي. ان کان علاوه، ڪابينا TIP اليڪٽرڪ بس پروپوزل جي فني، مالي ۽ قانوني پهلوئن لاءِ ناليوارن صلاحڪارن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ 200 ملين رپين تائين جي بجيٽ جي منظوري ڏني. ٽرانسپورٽ کاتي بي آر ٽي گرين لائين جو ڀاڙو  15 کان 30 روپيا ۽ 55 کان 70 روپيا ۽ انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس وڌائڻ جي تجويز ڏني جنهن کي نگران وڏي وزير رد ڪري ڇڏيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي گرين لائين 2024ع ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي ويندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پيپلز بس سروس تحت ڪراچي جي 13 رستن تي 204 بسون (26 بسون حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي) هلنديون آهن جن ۾ پنڪ بس جا ٻه روٽ شامل آهن. جاري سبسڊي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ (24 جنوري کان 24 جون) ۽ 30 نيون بسون شامل ڪرڻ سان 12000 وڌيڪ مسافر سوار ٿيندا جهڙوڪه IE ۽ SMTA پاران مقرر ڪيل اڳئين بنياد تي 40 روپيا في مسافر 86.4 ملين روپيا (24 جنوري کان 24 جون تائين) واڌو رعايت ڏني ويندي تنهنڪري 579.756 ملين رپين جا فنڊ پرڏيهي بجيٽ مان سبسڊي طور فراهم ڪري سگهجن ٿا.  لنڪ روڊ ڊبل ڪيريج وي نيشنل هاءِ وي (N5) کي موٽروي (m9) سان ڳنڍي ٿو، هي هڪ 22 ڪلوميٽر ڊگھي ڪيريج وي منصوبو آهي جو پورٽ قاسم، انڊسٽريل ايريا لانڍي، ڪورنگي ۽ اسٽيل مل کان ٽريفڪ جي رسائي فراهم ڪري ٿو. سنڌ ڪابينا آگسٽ 2023ع ۾ اين ايڇ اي پاران 2.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪاٺوڙ انٽرچينج جي بحاليءَ جي منظوري ڏني جڏهن ته آڪٽوبر ۾ اين ايڇ اي 3.5 ارب رپين جي ڪاٿو لاڳت جي منظوري ڏني. ڪابينا بحث کان پوءِ 1.1 ارب رپين جي بقايا رقم ۽ 250 ملين رپين جي زمين جي معاوضي جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 465 ڪيسن جي ميڊيڪل چارجز جي ادائيگي لاءِ 135.85 ملين رپين جي اضافي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا سروس دوران فوت ٿيندڙ ملازمن جي 1800 خاندانن جي مالي مدد لاءِ 1424.720 ملين رپين جي اضافي فنڊن جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا ڪراچي اولهه ضلعي ۾ ٽن اسڪولن جي عمارتن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ 50.220 ملين روپين جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هندو جمخانو 1925ع ۾ 47 هزار گز پلاٽ تي قائم ڪيو ويو ۽ آزاديءَ کان اڳ اهو هندو برادري جو ڪلب سڏايو ويندو هو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هيءَ تاريخي عمارت ڪراچي ۾ پنهنجي دور جو اهم اڏاوت جو شاهڪار تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن جي اهم اڏاوت جي شاهڪارن ۾ گنبد/ مقبرا، لوهه/ڪاٺ جون ڏاڪڻيون، اٺ قونيا ٽاور، آرائشي برييڪٽس، گيزري پٿر جون ڀتيون ۽ جوڌپور جا تراشيل پٿر شامل آهن. عمارت کي گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ عمارت جو ٻاهريون حصو گدلو ۽ مٽي سان ڍڪجي چڪو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڇت مان ليڪيج، وڌندڙ آلاڻ، لوڻياٺي ۽ خراب موسم سبب عمارت جي حالت خراب ٿي رهي آهي. عمارت خراب آهي جنهن جي ريٽروفيٽنگ عمارت جي فن تعمير سان نه ٿي وڃي تنهنڪري جيمخاني جي بحالي لاء هڪ منصوبو جوڙي سگهجي ٿو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نگران وڏي وزير جي هدايتن تي منصوبي جي ڪاٿو لاڳت جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ 115.716 ملين رپين جي اڳوڻي تجويز ڪيل رقم مان گهٽائي 109.680 ملين روپيا ڪئي وئي آهي. ڪابينا 109.680 ملين رپين جي منظوري ڏني.  آر ايڇ سي هالا: هالا جي عوام جي درخواست تي ڪابينا نئين تعمير ٿيل رورل هيلٿ سينٽر هالا اولڊ کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 40 ملين روپيا منظور ڪيا جنهن ۾ 15 ملين روپيا پگهارن، 15 ملين روپيا نان سيلري ڪمپوننٽ ۽ 10 ملين روپيا ون ٽائم ڊولپمينٽ لاڳت شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن پي پي ايڇ آءِ جي ڪيترن ئي سينٽرن جو دورو ڪيو پر انهن مان هڪ به مڪمل اسٽاف سان ڪم نه پيو ڪري. هن پي پي ايڇ آءِ سينٽرن جي فرانزڪ آڊٽ ۽ انسپيڪشن جو حڪم ڏنو. کيرٿر نيشنل پارڪ: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته کيرٿر نيشنل پارڪ پاڪستان جو پهريون نيشنل پارڪ هو جنهن کي 1974ع ۾ قرار ڏنو ويو. محل ڪوهستان ۽ حب ڊيم جي ڀر واري علائقي ۾ جهنگلي جيوت جون پناهه گاهون آهن ۽ سمبڪ، ايري، هوٿيانو ۽ سرجانو گيم رزرو آهن جيڪي 1407.25 ميلن تي مشتمل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پارڪ جي اعلانيل حدن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پارڪ جي اعلانيل حدن اندر سمورو علائقو محفوظ رهندو ۽ ان کي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو، لاپرواهي جي صورت ۾ لاڳاپيل عملدار پاڻ کي ذميوار قرار ڏيندا. S&GAD سيڪريٽري جنگلات ۽ وائلڊ لائيف جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ڊائريڪٽر سروي اينڊ سيٽلمينٽ، سروي آف پاڪستان جو نمائندو ۽ لاڳاپيل ڊي سي کي ميمبر بڻايو ويو آهي. ڪميٽي جو ڪم کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ محفوظ ڪمپليڪس جي مڪمل ڪيڊسٽريل سروي ڪرڻ آهي.   اهو پڻ سفارش ڪندو مستقل سروي نشانن کي محفوظ ڪيل ڪمپليڪس جي حدن کي بند ڪرڻ، ڪيڊسٽريل ميپنگ ۽ ان کي سٺ ڏينهن اندر روينيو کاتو ان کي نقشن ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندو. نامزد ٿيل ڪميٽي چوڌيواري حد بندي ڪرڻ ۽ ڀتن جي مرمت لاءِ 33,956,520 ڪروڙ روپين جي خرچ تي ڪم ڪيو . ڪابينا فنڊ جاري ڪرڻ جي تاريخ کان 75 ڏينهن اندر ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 26081770 رپين جي برابر فنڊز مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي يا ڪي پي اي سي GEO حوالي ڪيل ڪوآرڊينيٽس/حدود کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ علائقن کي ٻيهر نوٽيفائي ڪندو ۽ انکي ريونيو رڪارڊ ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ محفوظ علائقن جي ڪمپليڪس طور داخل ڪرائيندو.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو