ڪراچي / حيدرآباد (نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موهٽا پيلس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ ”پاڪستان ۾ امن ۽ پائيدار ترقي جي سلسلي ۾ پارليمنٽ جو ڪردار ۽ استحڪام“ واري موضوع تي ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خاص مھمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ موهٽا پيلس جو نالو تبديل ڪري اتي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، موهٽا پيلس ۾ شادي جي تقريب لاءِ هڪ شخص درخواست ڏني هئي، اسان اجازت ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ھن چيو تھ اسيمبلين جو ڪم قانون ٺاهڻ آھي پر قومي اسيمبلي منھنجي خيال ۾ قانون نھ ٺاهي رھي آھي جيڪو پارليمينٽ جو صيحيح استعمال نھ آھي ۽ اسان پاڻ اھو ڪم نھ ڪري رھيا آھيون. هن چيو ته اڄ ھن ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جا پارليمنٽيرين موجود آھن ۽ اسان کي ان بابت سوچڻ گھرجي ته اسيمبلي ئي قانون ٺاهيندڙ واحد ادارو آھي، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، پر افسوس آھي تھ اسان جي پارليمنٽ جا قانون هوا ۾اڏايا ويندا آھن، تازو اپريل ۾ اسان جي صوبي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو قانون ختم ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ سن 1989 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو قانون ٺاهيو ويو ھو. ، هڪ شخص درخواست ڏني ۽ عدالت قانون ئي ختم ڪري ڇڏيو، قانون ٺهي ۽ ختم ٿي وڃي اهو صحيح طريقو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين امن قائم نه ٿيندو، اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڏڦيڙ ۽ انتهاپسندي آمريتي دور ۾ شروع ٿي، ڪراچي اڳ دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ شامل هو، اسان جي حڪومت آئي ته سڀ کان اڳ امن کي ترجيح ڏني سين. ھن چيو تھ جيڪڏھن تاريخ کي ڏسون ٿا تھ اسان جي ملڪ ۾ انتھاپسندي واري شروعات 80 واري ڏھاڪي ۾ ٿي جڏھن ملڪ ۾ جمھوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ھن چيو تھ جڏھن نائين اليون وارو واقعو ٿيو ۽ جيڪي حالتون پيدا ٿيون اسان سڀني کي خبر آھن ۽ ان انتھاپسنديءَ سبب اسان سن 2007 ۾ ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي اميد بينظير ڀٽو کي وڃايو. وڏي وزير چيو تھ جڏھن اسان جي حڪومت قائم ٿي تھ اسان جو واحد مقصد ملڪ ۾ امن آڻڻ ھو. ھن چيو تھ اسان سوات ۾ آپريشن شروع ڪيو ۽ اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن شھادت ڏني ۽ اسان وڏي جدوجھد ۽ قربانين کانپوءِ ملڪ خاص طور تي ڪراچي شھر ۾ امن ۽ امان کي بحال ڪيو. ٻي پاسي حيدرآباد ۾ پاڪستان ۾ امريڪي مشن طرفان پرزن مينجمينٽ انفارميشن سسٽم (پي ايم آئي ايس ) جو ڪنٽرول ۽ ان تي عمل بابت جيلن واري کاتي جي معاملن کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جيلن ۾ سڌارا آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته جيلن ۾ ايندڙ قيدي تعليم يافته ، هنر مند ۽ معاشري لاءِ هڪ ڪارائتو شهري ثابت ٿي جيل کان ٻاهر نڪرن. هن چيو ته سڌارن کان اڳ جيلن مان ماڻهو وڌيڪ ڏوهاري ٿي نڪرندا هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ ڏوهه نه هئڻ جي برابر هئا پر 40 سالن کان اڳ ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جي اچڻ بعد ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته جيلن ۾ وڏن ۽ عادي ڏوهارين کي ننڍن ڏوهن ۾ ملوث قيدن کان الڳ رکيو وڃي ته جيئن جيل قيدين لاءِ نرسريون نه ٺهن. ان موقعي تي جيلن وارو صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي، آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽراح، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ قاضي شاهد پرويز، يو اين او ڊي سي جي نمائندي جيريمي ملسن ، امريڪي سفارتخاني جي انٽرنيشنل نارڪوٽيڪس اينڊ لا انفورسمينٽ سيڪشن جي ڊائريڪٽرمارڪ تروا ڪوسڪي پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.
128