217

برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوھيو وڇڙي ويو

نوشهروفيروز / سيوهڻ (نمائندن وٽان) برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي جو چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوھيو دل جو دورو پوڻ سبب اين اي سي وي ڊي اسپتال سيوھڻ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، لاڏاڻي تي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي، مولانا عزيز الله کي دل جي تڪليف سبب ٽي ڏينهن اڳ دل جي تڪليف سبب کيس  اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي مولانا عزيز الله ٻوهيو جي دل جي انجيو پلاسٽي ڪئي وئي، ان بعد کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو ۽ سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي، سندس وارثن مڙهه کڻائي نوشهروفيروز فيروز پهتا، کيس ھزارين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، جيئي سنڌ محاذ جي وقتي چيئرمين ھاشم کوسو، عبدالخالق جوڻيجو، تاج جويو سميت ھزارين جي تعداد ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي ڪارڪنن، اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن، علائقي واسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد ظفر علي شاھ چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جي قدرآور شخصيت ھو، جنھن سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد رکي سنڌ جي ماڻھن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عزيز الله ٻوھيو آخري وقت تائين سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيندو رھيو. عبدالخالق جوڻيجي، مظهر خاصخيلي ۽ شبير شر چيو ته عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو بھادر پٽ ھو جنھن سڄي حياتي پنھنجي اصول ۽ فڪر تحت گذاري، ھو وڏو عالم ۽ قرآن جو ڄاڻو ھو، سندس وڇوڙي سان وڏو نقصان پھتو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو