136

بلاول ڀٽو پاران لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلا جلد حل ڪرڻ جون هدايتون

لاڙڪاڻو (رپورٽ :اياز ساريو )  پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  ٻئي ڏينهن به لاڙڪاڻي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. بلاول ڀٽو زرداري شهر جي يونين ڪاميٽي 12 غلام ڀٽو محلا ۾ پ پ پي جي نائب صدر آفتاب ڀٽو ۽ سيڪريٽري اطلاعات وقار ڀٽو جي رهائشگاهه پهتو, جتي هن يوسي 12 جي صدر غلام نبي ڀٽو ۽ جنرل سيڪريٽري عابد حسين ڀٽو جي ميزبانيءَ هيٺ ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي, جنهن ۾ بلاول ڀٽو جيالن ۽ معززن سان پنهنجي چونڊ تڪ جي سياسي صورتحال ۽ عوامي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي, اجلاس ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر جميل سومرو، ضلعي صدر خورشيد احمد جوڻيجو، صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، سردار شاهه، ضياءَ عباس شاهه، اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال، نواب وساڻ، گهنور خان اسراڻ، لياقت آسڪاني، فرحت سيمي سومرو، خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، شفقت سومرو، انور لهر، عمران جتوئي، وقار ڀٽو، سرفراز کوکر، آفتاب ڀٽو، ڪامران احمد اوڍاڻو، شير محمد لغاري، ماجد بروهي، عبدالفتاح ڀٽو، سردار محمد نواز شيخ، اصغر علي کچي، عبدالباري عباسي، علي گوهر سانگي، مٺل سومرو، آمنه جمالي، شبيران جوکيو، ڊاڪٽر سڪينه گاد، صفيع شاهه جيلاني، بينظير شاهه، شازيه سومرو، زينت ڀٽو، سردار صفدر علي مٺاڻي، منصف علي ڀٽو، مظهر علي ڀٽو، رسول بخش سومرو، راحب جتوئي، آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، گل محمد ميراڻي، غلام نبي ڀٽو، حافظ محمد نواز ڀٽو، اظهر علي ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو راجا ڀٽو سان سندس والد ياسين ڀٽو، اشرف ڀٽو سان سندس والد حاجي الاهي بخش ڀٽو، فدا حسين سانگي ۽ فوجي گل محمد سانگي سان ڌاڌر سندن امڙن جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو، ئي پاسي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو يونين ڪاميٽي 11 دودائي روڊ گجڻ پور ۾ جيالي منير عباسي جي رهائشگاهه پهتو جتي پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي چونڊ تڪ جي سياسي صورتحال، مسئلن ۽ انهن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي،ان موقعي تي يوسي صدر اصغر عباسي، جنرل سيڪريٽري قدير ڊومڪي، علي گل ڊومڪي، عبدالستار سومرو، حاجي قربان علي ڪورائي، آغا غلام علي ڊومڪي، عاشق علي بروهي، عبدالغفار ملاڻو، زوار رياض حسين شيخ ۽ ٻيا به اجلاس ۾ موجود هئا،ان کان اڳ بلاول ڀٽو عبدالمجيد گاد سان والد، مير عزيز چنه سان چاچي، علي ڊموڪي سان ڀاءُ، رشيد عباسي سان والد ۽ تهميه تونيو سان والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو،ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر جميل سومرو، خورشيد احمد جوڻيجو، صوبائيو زير ناصر حسين شاهه، سردار شاهه، ضياءَ عباس شاهه، سهيل انور سيال، نواب وساڻ، گهنور اسراڻ، لياقت آسڪاني، فرحت سيمي سومرو، خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، شفقت سومرو، انور لهر، عمران جتوئي، وقار ڀٽو، سرفراز کوکر، آفتاب ڀٽو، ڪامران اوڍاڻو، شير محمد لغاري، ماجد بروهي، عبدالفتاح ڀٽو، سردار محمد نواز شيخ، اصغر علي کچي، عبدالباري عباسي، علي گوهر سانگي، مٺل سومرو،آمنه جمالي، شبيران جوکيو، ڊاڪٽر سڪينه گاد، سفيه شاهه جيلاني، بينظير شاهه، شازيه سومرو، زينت ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو