130

بجلي جو بنيادي ٽيرف هڪ رپيو 68 پئسا في يونٽ وڌائڻ تي غور، نيپرا پاران خدشن جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) بجلي جو بنيادي ٽيرف  هڪ رپيو  68 پئسا في يونٽ وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، نيپرا وفاقي حڪومت جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، نيپرا چيئرمين چيو آهي ته حڪومت چوي ٿي ته احساس پروگرام تحت غريب صارفين کي سبسڊي ڏينداسين،ڏنل درخواست تي گهريلو صارفين کي هڪ رپيو 68 پئسا في يونٽ وڌيڪ ڏيڻا پوندا، هن چيو ته 300 يونٽ وارن صارفين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي اهو بهتر نه هو ته 200 يونٽ جي بدران گهٽ ۾ گهٽ 300 يونٽ وارن صارفين جي به بجت ٿي ها، هن چيو ته اسانکي صارفين جو تحفظ ڪرڻو آهي، چيئرمين طور منهنجا خدشا آهن، غريب ماڻهن تي وڌيڪ بار پوندو، صارفين تي بار وڌو پيو وڃي، ان ڪري مان ته ڳالهائيندس ان لاءِ بهتر ٿيندو ته حڪومت ان درخواست تي نظر ثاني ڪري، سمورين ڪيٽيگريز لاءِ نه پر گهٽ ۾ گهٽ 300 يونٽ صارفين جي لاءِ نظر ثاني جو چئي رهيو آهيان، جڏهن توانائي واري وزارت جي عملدارن نيپرا کي ٻڌايو ته 100 کان 20 يونٽ وارن صارفين کي بجلي قيمت ۾ واڌ جي اثرن کان بچائڻ چاهيون ٿا، حڪومت جو مقصد ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏانهن وڃڻ آهي، جيڪڏهن 300 يونٽ تائين صارفين کي ان ٽيرف کان بچايو ٿا ته ٻين تي بار پوي ٿو، حڪومت هن وقت به صارفين کي 168 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ نه ڪرڻ سان حڪومت کي 185 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻي پوندي، اسانکي مجبوري طور بجلي جون قيمتون صارفين کان ئي وٺڻيون آهن، عملدارن موجب موجوده سطح تي بنيادي ٽيرف 13 رپيا 97 پئسا آهي، بنيادي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ 15 رپيا 36 پئسا ٿي ويندو، مجموعي طور تي ٽيرف ۾ واڌ هڪ رپيو 68 پئسا جڏهن ته ڪيٽيگريز تحت هڪ رپيو 39 پئسا ٺهي ٿو، ٻئي طرف نيپرا ٽيرف ۾ واڌ تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، نيپرا اٿارٽي جائزو وٺندي ته صارفين جي هر ڪيٽيگري تي ڪيترو اثر پوندو، انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٽيرف ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو