101

حڪومت پاران گيهه جي قيمتن ۾ وڌيڪ 38 رپيا واڌ،في ڪلو 392 رپيا ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورز تي برانڊڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 39 روپيه ۽ تيل جي في ڪلو پيڪٽ تي 33 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي مهانگائي جو نئون طوفان پيدا ٿي ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ آئل جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برانڊڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 38 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ 354 روپين وارو في ڪلو برانڊڊ گيهه جو پيڪيٽ 392 روپين ۾ ملي سگهندو اهڙي طرح تيل جي في ڪلو پيڪٽ جي قيمت 33 روپيه وڌائي وئي آهي جنهن کان پوءِ برانڊڊ آئل جي في ڪلو قيمت 355 مان وڌائي 388 روپيه ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب 5 ڪلو واري برانڊڊ گيهه جي ڊٻي جي قيمت ۾ 187 روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ پنج ڪلو واري گيهه جي قيمت 1795 مان وڌائي 1982 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته حڪومت صرف 17 ڏينهن اڳ ئي 15 آڪٽوبر تي مختلف برانڊز جي گيهه جي قيمتن ۾ 40 کان 1090 روپين جو اضافو ڪيو هو ۽ يوٽيليليٽي اسٽورز تي ملندڙ ڊالڊا گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 109 روپيه ۽ 10 ليٽر ڪين ۾ 1090 روپين وڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ ڊالڊا گيهه جو 10 ليٽر وارو ڪين 2500 روپين مان وڌي 3590 روپين جو ٿي ويو هو.
اهڙي طرح ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽين جي قيمت ۾ 475 روپين جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ميزان گيهه جي 10 ليٽر ٽين جي قيمت 2885 مان وڌائي 3360 روپيه مقرر ڪئي وئي هئي. يوٽيليٽي اسٽورز تي 5 ليٽر پلانٽا ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 463 روپين جو اضافو ڪيو ويو هو. جڏهن ته من پسند ڪوڪنگ آئل جي قيمت 465 روپين تائين وڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ من پسند 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل ٽن جي قيمت 1245 مان وڌي 1710 روپيه ٿي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو