140

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس رات دير سان گرفتاري ڏئي ڇڏي، ڌرڻو ختم

ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) نآظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس رات دير سان پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي، ملير ۾ نوجوان ناظم جوکيو جي قتل خلاف قومي شاهراهه تي 14 ڪلاڪ ڌرڻو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نوٽيس ورتو، قاتلن جي گرفتاري جي هدايت، رپورٽ موجب جنگشاهي مان اغوا بعد ملير ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن ڌاٻيجي ويجهو ٺٽو- ڪراچي قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي واري هنڌ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ڌاٻيجي ويجهو سالار جوکيو ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي، تدفين بعد سوين وارث عورتون ۽ مرد ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جيڪو ڪالهه صبح 9 وڳي کان رات دير تائين جاري رهيو، صوبائي وزير ساجد جوکيو، ايم پي اي عبدالرزاق راجا، سليم بلوچ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪيون، وارثن ڄام اويس گهرام جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه، اعجاز سامٽيو، اڳوڻو ايم اين اي حڪيم بلوچ، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، پورهيت عوامي تحريڪ اڳواڻ مارئي پليجو ۽ ٻيا پهتا، مختلف تنظيمن جي ماڻهن پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي، صوبائي وزير ساجد جوکيو ۽ ٻِيا ايم پي ايز ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڌرڻي ۾ موجود رهيا، خاطرين باوجود وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بعد ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳالهين لاءِ وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي، ڪاميٽي ۾ شامل صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ، ساجد جوکيو رات دير سان ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين انصاف جي خاطري ڪرائي، ڪاميٽي ميمبرن جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ٿي ويو آهي، ڄام اويس ملوث کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، وزيرن جي خاطري بعد مقتول نوجوان جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي، وزيرن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار ڪيا ويندا، نه ته اسان به وارثن سان گڏ ڌرڻي ۾ ويهنداسين، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ افصل جوکيو چيو ته وڏي وزير 24 ڪلاڪن ۾ ڄام اويس کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، قاتل گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر ڌرڻو هڻنداسين، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو واقعي جو نوٽيس وٺندي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پ پ چيئرمين مقتول جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو چيو آهي ته پ پ  مظلوم وارثن سان گڏ آهي، جوابدار ڪيترا به بااثر هجن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو