100

ٻن سياسي خاندانن سان ذاتي جنگ ناهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ ٿيندو: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ ئي ٿيندو، ماضي ۾ ٻنهي ڪتنبن سان دوستي رهي آهي. اهڙو اظهار هن  هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو سڀ چوندا آهن ته توهان ٻن وڏن خاندانن جي پويان پيل آهيو، ٻن خاندانن سان ذاتي ويڙهه نه آهي، ماضي ۾ انهن ٻنهي ڪٽنبن سان  دوستي هوندي هئي. هن چيو ته ٻه چئلينج آهن، هڪ چئلينج آهي ته اسان ڪرپشن کي قبول ڪريون، مون کي ماڻهو چوندا آهن ته اپوزيشن ليڊر سان هٿ  ڇو نه ٿا ملايو. عمران خان چيو ته  انهن تي اربين روپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن کي قبول ڪرڻ ٿيندو. هتي سينيٽ جي چونڊن ۾ وڏو ناڻو هلي ٿو ، پر  اولهه ۾ ڪير به ناڻو وٺي ڪنهن ٻي پارٽي ڏانهن نه ٿو وڃي، اتي ڪرپشن جي الزام وارو پارليامينٽ ۾ ويهي به نه ٿو سگهي.برطانيا ۾ تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪنهن تي اربين روپين جي ڪرپشن جو الزام هجي ۽ اهو وري اسيمبلي ۾ ٻه ٻه ڪلاڪن جون ڊگهيون  تقريرون ڪري. هن چيو ته جيڪا قوم سٺي ۽ خراب جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي اها مري ويندي آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان موبائل فون بند نٿا ڪري سگهون پر ٻارن کي رول ماڊل ڏئي سگهون ٿا، اسان کي معاشري لاءِ فڪري انقلاب گهرجي، پاڪستان ۾ سڀ کان تيزيءَ سان جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، اها اسان لاءِ شرم جي ڳالهه آهي. هن چيو ته موبائل فون جي چئلينج سان معاشري ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ٻارن سان زيادتيون وڌيون، زينب ڪيس سامهون آيو، عورتن سان زيادتين جا ڪيس آهن پر انهن تي هاڻ ڳالهه نه ٿيندي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسڪالرن جو ڪم تجزيو ڪرڻ هوندو آهي، اهي قوم جي رهنمائي ڪن، مديني جي رياست ۾ تعليم تي زور ڏنو ويو، يهودي تعليم سبب ئي دنيا تي حاوي آهن، جيڪو انسان پاڻ سڳورن صه جي سنت تي هلندو، اهو ڪامياب ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو