140

وڏو وزير ڌاٻيجي پهچي ويو،ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت،گرفتار ايم پي اي جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ کان وڌيڪ اهم انصاف جي فراهمي آهي:سيد مراد علي شاهه

ڌاٻيجي: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت لاءِ ڌاٻيجي پهچي ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوان ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ايم پي اي ڄام اويس جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ کان وڌيڪ اهم معاملو متاثرين کي انصاف ڏيارڻ آهي. وارث جيڪڏهن ايم پي اي جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا ته اها اسان لاءِ ته معمولي ڳالهه هوندي، اصل اهميت انصاف جي فراهمي جي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ناظم جوکيو جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته ساڻن انصاف ٿيندو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ناظم جوکيو جو قتل دردناڪ واقعو آهي ۽ پيپلزپارٽي توڙي سنڌ سرڪار مظلومن سان گڏ آهي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته حڪومت ڪنهن جي به پٺڀرائي يا حمايت نه پئي ڪري، مراد علي شاهه چيو ته اسان مقتول جي وارثن جا ٿورائتا آهيون، جن منهنجي گارنٽي تي احتجاج ختم ڪيو، اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿئي ۽ مظلومن کي انصاف ملي. وڏي وزير چيو ته عوام کي انصاف ٿيندي نظر ايندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو