135

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم پي اي ڄام اويس عدالت ۾ پيش،3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير  (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم پي اي ڄام اويس پوليس پاران کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڄام اويس گهرام کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، ڄام اويس گهرام کي بڪتر بند گاڏي ۾ آندو ويو، جڏهن ته عدالت ۾ پيشي بعد ڄام اويس گهرام کي بنا هٿڪڙين جي پوليس واپس وٺي وئي، گذريل رات پ پ وفد مقتول جي وارثن پاران هنيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيو، خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڄام اويس گهرام گرفتار نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو