106

حيدرآباد روح ۾ سمايل آهي، خواهش آهي ته رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ هتي رهان ۽ بار جو ميمبر بڻجان: جسٽس احمد علي شيخ

حيدرآباد (رپورٽ: نصير چنا) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ  جسٽس احمد علي شيخ حيدرآباد پهچي هاءِ ڪورٽ بار ۾ انڊر گرائونڊ پارڪنگ ۽ آڊيٽوريم هال جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس سنڌ ڊنر جي تقريب ۾ پڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مختلف عدالتن جي ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عشرت لوهار، جنرل سيڪريٽري محمد هاشم لغاري، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر محمد آصف شيخ ۽ ٻين بار جي عهديدارن سميت وڪيلن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ چيو ته حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، منهنجي لاءِ سڀ وڪيل قابل احترام آهن، هن چيو ته حيدرآباد شهر منهنجي روح ۾ سمايل آهي، منهنجي خواهش آهي ته رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ رهان ۽ بار جو ميمبر بڻجان، چيف جسٽس سنڌ چيو ته جڏهن هتان تعليم حاصل ڪندو هئس ته هن شهر جي گهٽين ۾ پيادل گمندو هئس، هاءِ ڪورٽ بار منهنجي سامهون ڪيترائي مطالبا رکيا آهن، مطالبا ان لاءِ ڪيا ويندا آهن جيڪي الڳ هجن، اسان سڀ هڪ آهيون، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ميرپورخاص ۽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي بيچ هڪ نيٽورڪ قائم ڪيو آهي، ان نيٽورڪ سان ميرپور جا وڪيل اتي ويهي هتي ڪيس پيش ڪري سگهن ٿا، سنڌ سروس ڪئمپ آفيس ايندڙ مهيني کان حيدرآباد ۾ شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته  حيدرآباد سنڌ جي دل آهي، مون وٽ لفظ ناهن ته مان توهان جا احسان لاهيان، ڊجيٽل لائبريري لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، حيدرآباد ۾ سروس ٽريبيونل ڪورٽ جي ضرورت آهي اها ضرور ڏينداسين، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته بار روم جي مٿان به لائبريري ڏينداسين، اسان مطالبا مڃينداسين، هاءِ ڪورٽ جي نئين عمارت ۾  فرنيچر جا جيڪي به مسئلا آهن اهي پڻ جلد حل ڪيا ويندا، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ احسان گل ڏاهري، ايڊووڪيٽ صائمه آغا، ايڊووڪيٽ تاج ڪيريو، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ اياز تنيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جڏهن ته چيف جسٽس جي آمد دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو