118

عمران خان جوسسبڊي پيڪج جعلي قرار، سنڌ ۽ بلوچستان کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو: اسماعيل راهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وزيراعظم جي قوم سان ڪيل خطاب کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. يونيورسٽيز ۽ بورڊ واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو دال، گيهه ۽ اٽي وارو اعلان ڪيل سبسڊي پيڪيج جعلي هو، سليڪٽڊ جو پيڪيج به سليڪٽڊ هو، پيڪيج ۾ سنڌ بلوچستان شامل ئي ناهن،عمران خان کي خبر آهي ته هاڻ عوام کيس برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي رليف پيڪيج جو لولي پاپ نه هلندو. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته هڪ طرف قوم کي جعلي سبسڊي پيڪيج جي خوشخبري ٻڌائي وئي ته ٻئي پاسي پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو جهٽڪو ڏنو ويو، وزيراعظم جي قوم سان ڪيل خطاب کان فورن بعد يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿي ويون، وزيراعظم جو گيهه، اٽي ۽ دال تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ وارو اعلان قوم سان ڌوڪو آهي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان اهو نه ٻڌايو ته عوام دال، گيهه ۽ اٽو سبسڊي تي ڪهڙي دڪان تان خريد ڪندو؟، وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ڪوڙو اعلان ته ڪري ويو پر ان اهو نه ٻڌايو ته اها سبسڊي عوام کي ڪڏهن ملندي؟. اسماعيل راهو سولا ڪيو ته ڇا اهو پيڪيج صرف انهن لاءِ آهي جيڪي بني گالا جو ڪچن پيا هلائن؟، وزيراعظم صاحب اوهان جي حڪومت ۾ ننڍا آبادگار پريشان ۽ لکين نوجوان بيروزگار ٿي چڪا آهن، وزيراعظم صاحب اوهان جي حڪومت ۾ قوم کي نه بجلي پئي ملي ۽ نه ئي گيس روزگار پيو ملي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو