107

پي ڊي ايم پاران حڪومت خلاف فيصلائتي رائونڊ جو فيصلو، ڊسمبر ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ )پي ڊي ايم  وفاقي حڪومت جي خلاف ڊسمبر ۾لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  حڪومت خلاف تحريڪ ۾پيپلز پارٽيءَ کي به شامل ڪرڻ تي غور پڻ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ويڊيو لنڪ تي ٿيو. اجلاس ۾ نواز شريف، شهباز شريف،  مريم نواز، آفتاب شيرپائو، محمود خان اچڪزئي،  اويس نوراني سميت اهم اڳواڻ شريڪ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ وڌندڙ مهانگائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ مشاورت کان پوءِ پي ڊي ايم ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  لانگ مارچ کان اڳ صوبن ۾ مهانگائي خلاف مارچ پڻ ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو.  پهرئين مرحلي ۾ صوبن ۾ مهانگائي جي خلاف مارچ ٿيندو جنهن جي پڄاڻي کان پوءِ  لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو. 13 نومبر تي ڪراچيءَ ۾، 17 نومبر تي ڪوئٽا ۾، 20 نومبر تي پشاور ۾ ۽ آخري مارچ لاهور ۾ ٿيندو. مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ کان پوءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪيو ويندو. لانگ مارچ ڊسمبر ۾ ٿيندو پر ان جي تاريخ جو فيصلو پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ٿيندو. پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي واپس آڻڻ تي به غور ڪيو ويو، نيب ترميمي آرڊيننس ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي پڻ مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن بابت بل روڪڻ لاِءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي سمورن ميمبرن کي حاضر رکڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ۽ ان بابت حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ پ پ سان مشاورت ڪئي ويندي. ٻي پاسي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو ته مهانگائي جو ڪارڻ عمران خان جي ڪرپشن آهي، اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ فيصلو ڪندڙ ثابت ٿيندو، هاڻي هي تحريڪ عمران خان  کي گهر موڪلڻ سان ئي پڄانيءَ تي پهچندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو