113

ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي، شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف پي ڊي ايل وڌائڻ جو چيو آهي پر ان جو فيصلو تيل جي عالمي قيمتن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو، شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون ته حڪومت کي ليوي ٽئڪس وڌائڻ ۾ سولائي ٿيندي، درآمدات گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ پابنديون لڳائڻيون پونديون، ھڪ ٻن ڏينھن ۾ حتمي ڳالھيون ٿينديون، جلد ھي معاملو حل ٿي ويندو، ھن يو تھ پڌرنامو ايندو تھ خبر پوندي تھ آءِ ايم ايف سان ڇا طئي ڪيو آھي پر ليوي ڪجھ نھ ڪجھ تھ وڌائڻي پوندي، ملز ۽ ڊيلرز جي ذخيري سبب کنڊ جي قيمت وڌي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو