124

عمران خان کي ڀڄائڻ سان ئي ملڪ مان مهانگائي ختم ٿي سگهي ٿي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو (رپورٽ :اياز ساريو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته هي سال ترقي جو ٿيندو، پر  ان جي ابتڙ هي سال ته مهانگائي جو ثابت ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن رتوديرو شهر جي عارباڻي رائيس مل ۽ نئون ديرو ڀرسان پير جو ڳوٺ ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته يوٽرن وٺڻ عمران خان جي عادت آهي، عمران خان عملي طور تي ترقي جي پنهنجي سمورين دعوائن تان يوٽرن وٺي ملڪ کي مهانگائي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي. تنهن ڪري مهانگائي مان ڇوٽڪاري لاءِ عمران خان مان ڇوٽڪارو ضروري آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڀڄائڻ سان ئي ملڪ مان مهانگائي ختم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جون عوام دوست پاليسيون ئي ملڪ کي خوشحالي جي رستي تي هلائي سگهن ٿيون. ٻي پاسي بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي ليديز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر سان گڏجي نئين ديري جي علائقي پير جي ڳوٺ ۾ پارٽي جي سٽي صدر ارشد شاهه جي رهائش پهچي جيالن ۽ معززن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ هنن سندن مسئلن کي ٻڌو ۽ انهن  کي حل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي خورشيد احمد جوڻيجو، جميل سومرو، سهيل انور سيال، محسن مشوري، فدا ڦلپوٽو، منصور سومرو، عمران جتوئي، نثار مراد ڀٽو، محمد علي ٻگهيو، سردار علي نواز جلباڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو