96

وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزارت پنجاب حڪومت جي سفارش تي سرڪيوليشن سمري ذريعي پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت تحريڪ  لبيڪ پاڪستان  جي نالي سان گڏ پابندي جو لفظ هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي،تحريڪ لبيڪ پاڪستان اڳتي ڪنهن به قسم جي پرتشدداحتجاج نه ڪرڻ جو مڪمل يقين ڏياريو آهي،پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ اڪثريتي 18 وزيرن تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ جي منظور ڏني هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو