112

مولانا جي قيادت ۾ لانگ مارچ اڳ وارين تحريڪن وانگر هوندو، اهي اسان جا آزمايل آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا جي قيادت ۾ لانگ مارچ اڳ وارين تحريڪن وانگر هوندو، اهي اسان جا آزمايل آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن جي ڌمڪي ۾ نه اينداسين، چونڊ سڌارن جي نظام ۽ معيشت جي تعمير ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏني ويندي،حڪومت پنهنجي ڪنهن به ايجنڊا کان پوئتي نه هٽندي، عوام جا رد ٿيل سياسي بيروزگار سياسي آڪسيجن لاءِ گڏ ٿيا آهن، هن چيو ته اهو ٽولو چوي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا دروازا کليل هجن، اهي چونڊن ۾ شفافيت جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا،مخالف ڌر کي پنهنجو مستقبل اونداهو ۾ نظر اچي پيو، معيشت جي تباهي جو بنياد به انهن ئي رکيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو