102

نااهل حڪمرانن مهانگائي ڪري عوام لاءِ عذاب پيدا ڪيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) مسلم  ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نااهل حڪمرانن مهانگائي ڪري عوام لاءِ عذاب پيدا ڪيو، ماڻهو غربت جي ڌٻڻ  ۾ ڦاٿل آهن،سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته نالائق حڪمرانن جي ڪري عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ فاقاڪشي کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن،خطي جو سڀ  کان پوئتي پيل ملڪ بڻايو ويو آهي، هر شعبو ناڪام ويو، رڳو عوام سان ڪوڙ  ڳالهايو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪي غريبن جو درد نٿا رکن انهن کي حڪومت ۾ رهڻ جو حق ناهي، ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو پاڪستان  گهرجي؟، پي ڊي ايم ۽ (ن) ليگ هميشه عوام جي تڪليفن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو