118

ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ اجرت نه وڌڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ اجرت نه وڌڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پورهيتن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾  هيومن رائٽس پيس اينڊ پروٽيڪشن فائونڊيشن سنڌ پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪالهه ايڊوڪيٽ بشير احمد سيٺار، امتياز ملاح، غلام قادر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. محبت ديرو ۾ پورھيتن قيوم خشڪ، مٺل خشڪ، گل بھار، نذاقت علي ۽ ٻين مهانگائي ۽ اجرت نه وڌڻ خلاف ريلي ڪڍي. وارھ ۾ شهرين پاران نياز حيدري، جبران ڇٽو عمران ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. چوهڙ جمالي ۾  پ پ شھيد ڀٽو تعلقي شاهبندر جي صدر سيد گل حسن شاھ چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو. مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي مظاهرين چيو ته مهانگائي سبب غريب عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي، هي ڪهڙي رياست آهي جيڪا ڳرهه به کسي پئي، نيازي جي تبديلي حڪومت تباهه مچائي ڇڏي آهي، غريبن جي زندگين خاطر کيس فوري طور هٽائي سستائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو