111

پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ سميت اپوزيشن جماعتن پاران حڪومت خلاف گڏيل احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ سميت سمورين اپوزيشن جماعتن وفاقي حڪومت خلاف گڏيل احتجاج  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چيمبر ۾ اپوزيشن اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، عوامي نيشنل پارٽي جي امير حيدر هوتي، مولانا اسعد محمود سميت ٻين  اڳواڻن شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي، اپوزيشن گڏيل اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي، اپوزيشن مهانگائي، چونڊ سڌارن ۽ نيب آرڊيننس خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته نااهل ۽ نالائق حڪومت کي گڏجي ڀڄائينداسين، عوام موجوده حڪومت کي هاڻي گهڻو وقت ڏسڻ نه ٿو چاهي، جڏهن ته (ن) ليگ صدر شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته عمران نيازي نيب آرڊيننس ۾ هر هر ترميم ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو، مهانگائي جي مسئلي تي سموريون اپوزيشن جماعتون هڪ پيج تي آهن، مهانگائي جي خلاف پارليامينٽ ۾ ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، هن چيو ته ڀلي ڪهڙو به مسئلو هجي پر وزيراعظم ڪڏهن ايندو ئي ناهي، سندس ڪردار انتهائي مذمت جوڳو آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا اسعد محمود چيو ته عوام جي مسئلن تي سموريون اپوزيشن جماعتون گڏ آهن، ماڻهو اعتماد رکن، اسان انهن جي حقن جي جنگ وڙهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو