اسلام آباد (م ڊ) ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان پاران اڄ کان هڪ مهيني لاءِ سيز فائر جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت به ان جي تصديق ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان هڪ مهيني لاءِ سيز فائر جو اعلان ڪيو ويو آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته 9 نومبر کان هڪ مهيني جي لاءِ سيز فائر جو اعلان ڪيون ٿا، ڌرين جي رضامندي سان ان ۾ واڌ به ڪئي ويندي،پاسداري ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڌرين ڳالهين واريون ڪاميٽيون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، هن چيو ته امارات اسلاميه افغانستان ڳالهين جي عمل ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ٻئي طرف وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان سيز فائر معاهدي جو اعتراف ڪري ورتو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم پهرين آڪٽوبر تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن، معاهدي تحت حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪير به ملڪي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿو سگهي، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت ۽ ملڪي سلامتي کي اوليت تي رکيو ويندو، متاثر ماڻهن کي نظرانداز نه ڪنداسين.
94