اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي جواب ڏنو تھ ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي، عدالت حڪم ڏئي ته ايڪشن کڻنداسين، قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ پيشي بعد سپريم ڪورٽ ۾ جواب ڏنو، وزيراعظم عمران خان چيو ته اخلاقي ذميواري تي ڪنهن جي خلاف ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، تفصيلي بيان لاءِ وقت ڏنو وڃي، اسان کي اي پي ايس متاثرن سان گڏ 80 هزار جانيون ضايع ٿيڻ جو به ڏک آهي، عدالت پتو لڳائي ته 80 هزار جانيون ڇو ضايع ٿيون ۽ ڊرون حملن پويان ڪير ذميوار هو؟، چيف جسٽس چيو ته اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ توهان جو ڪم آهي، توهان وزيراعظم آهيو ۽ وزيراعظم جي حيثيت سان سوالن جا جواب توهان وٽ هجڻ گهرجن، وزيراعظم طرفان اي پي ايس سانحو ڪيس ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آھي، سپريم ڪورٽ اڳوڻن حڪمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت اي پي اي سانحي ۾ ملوث ماڻهن خلاف اثرائتا قدم کڻي، وزيراعظم جي پيشي بعد اي پي ايس سانحو ڪيس تي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آھي.
