118

مخالف ڌر قانونسازي جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پارلياماني ڪميٽي رد

اسلام آباد ( بيورور رپورٽ ) مخالف ڌر   قانونسازي معاملي تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي نيب وارو ترميمي بل آئين جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾  آچر ڏينهن مخالف ڌر جي اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، شاهد خاقان عباسي، شيري رحمان، اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ شازيه مري به شريڪ ٿي. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي قانون سازي ۾ سهڪار لاءِ لکيل خط جي جواب لاءِ ان جي متن  جي نقطن تي پڻ غور ۽ مشاورت ڪئي وئي. مخالف ڌر جي اسٽيرنگ ڪميٽي  ٻنهي ايوانن جي پارليماني ڪميٽيءَ  مان ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ق جي ميمبرن جي نمائندگي ختم ڪرڻ تي پڻ اعتراض واري ڇڏيا، ان کان علاوه ان اليڪشن ڪميشن جي خلاف ڳالهائيندڙن کي پڻ ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي  ڪميٽي ٺهڻ بابت سينيٽ جي چيئرمين جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان معاملي تي مسلم ليگ ق ۽ ايم ڪيو ايم سان ڳالهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.  اجلاس ۾ چيو  ويو ته شخصي بنيادن تي ٿيندڙ قانونسازي ۾حڪومت جو ساٿ نه ڏبو پر بهتر قانونسازي تي ساٿ ڏئي سگهجي ٿو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي لکيل جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي مفادن سان لاڳاپيل قانون سازي اتفاقِ راءِ ۽ مشاورت سان ئي ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي چونڊ سڌارن جي پوري پئڪيج تي غور ڪري. پارليماني ڪميٽي 25جولائي 2014 تي ٺهيل ڪميٽيءَ جي بنياد تي ٺاهي وڃي جيڪا سڌارن جو جائزو وٺي متفقه طور تي انهن جي منظوري ڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو