116

سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. نارا ڪئنال ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر مجتبيٰ ڌامراهه کي بدلي ڪري ليفٽ بينڪ ڪئنال بدين ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، بدين مان غلام علي ٽڳڙ کي بدلي ڪري پڃياري سرڪل حيدرآباد ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد مان جاويد حڪيم کي بدلي ڪري نارا ڪئنال ميرپورخاص ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو