اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اتحادي جماعتن جا اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي اتحادي جماعتن جا اعتراض ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ اتحادي جماعتن ۽ حڪومت جي وفدن وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي جماعتن کي اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته حڪومتي وفد اتحادي جماعتن جا ٻيا اعتراض به ختم ڪندو.
127