اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌيون آهن، خدشو آهي ته پيٽرول جون قيمتون وڌائڻيون پونديون، خبر ناهي اپوزيشن ٽيڪنالاجي کان ڇو ڊنل آهي، ايندڙ نسلن لاءِ سوچڻو پوندو،جهلم روڊ ڪيرج وي جي سنگ بينياد رکڻ جي تقريب ۾ هن چيو ته دنيا ۾ ٽن مهينن دوران تيل جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، پيٽرول سميت در آمد واريون شيون مهانگيون ٿيون،،مهانگائي جي ٻوڏ ٻاهر کان اچي پئي، ورلڊ بينڪ مطابق موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ غربت گهٽ ٿي آهي، ورلڊ بينڪ مطابق موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ غربت گهٽ ٿي آهي، حڪمران ۽ وزير ڪرپشن ڪن ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض واپس ڪيو50 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 3 وڏا ڊيم ٺهن پيا، وڌيڪ 10 ڊيم ٺاهينداسين، وزير اعظم چيو ته اسان کي ملڪ ۾ ڊگهي پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ورلڊ بينڪ مطابق پاڪستان ۾ غربت گهٽ ٿي آهي، اسان مهانگائي مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍنداسين، وزير اعظم چيو ته غربت اتي هوندي آهي جتي پئسو چوري ڪري ٻاهر نيو ويندو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو پيڪيج کڻي اچي رهيو آهيان، حڪومت ڏکين حالتن۾ ڏکيا فيصلا ڪيا، ميٽرو تي اربين رپيا لڳائڻ سان قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، برطانوي وزير اعظم موسمياتي تبديلي جي سمٽ ۾ پاڪستان جي مثال ڏئي ٿو، جنهن تي اپوزيشن مذاق اڏائي رهي آهي.
114