لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي فرمان کي رد ڪريون ٿا حڪومت جي تازي قانونسازي کي نٿا مڃون، عوام مٿان مهانگائي جي بمباري ڪندڙ حڪومت پارليامينٽ مٿان خودڪش حملو ڪيو آهي. حڪومت جي آئين دشمني کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر چيلينج ڪنداسين. پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارلياماني ايڊوائزري بورڊ جو اهم اجلاس پارٽي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيو. پارٽي جي سينئر قيادت جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت طرفان قانونسازي کي بلڊوز ڪرڻ واري معاملي تي غورڪيو ويو. ان دوران متحده اپوزيشن طرفان حڪومتي قانونسازي کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ تي اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي. ميمبرن ان موقعي تي مذمت جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊ اصلاحات اتفاق راءِ کان سواءِ ٿيون.
102