103

ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ باهه، 80 کان وڌيڪ جھڳيون سڙي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد ۾ تين هٽي تي اڏيل جهڳين کي باهه جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ جهڳيون سڙي  ويون، فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آڻي ورتو آھي، متاثر خاندان ٻچن سوڌو کُليل آسمان هيٺ بي يار وَ مددگار ويٺل آهي، متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته جُهڳيون سڙڻ کان پوءِ ڪابه ڇپر ڇانوَ ناهي بچي، اناج ۽ بسترن سوڌو سمورو سامان سڙي ويو، ٻچن کي وٺي ڪيڏانهن وينداسين، اعليٰ اختيارين کي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ چيف فائر آفيسر مبين احمد جو چوڻ هو ته اندازي موجب لڳ ڀڳ 100 جھوپڙيون هيون جيڪي مڪمل طور تي سڙي ويون هن، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، باهه لڳڻ سبب ڪو جاني نقصان به نه ٿيو آهي پر گذريل سال به رات جي وقت هتي ئي باهه لڳي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو