نوشهره (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو چيو آهي ته عمران خان ٻُڌي ڇڏي، هاڻ ان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، جيالا کيس گهر ۾ گهڙي سياسي شڪست ڏيندا. سيليڪٽرز کان به حساب وٺنداسين. اهڙو اظهار هن خيبر پختونخوا جي شهر نوشهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻ وفاقي وزير پرويز خٽڪ جا ڀائٽيا پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نوشهره جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا توهان کي تبديلي پسند آئي؟ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ عوام جا حق ماريا پيا وڃن اها تبديلي نه پر تباهي آهي.هن چيو ته عمران خان نوجوانن سان واعدو ڪيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، ڇا عمران خان نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون؟ هن حڪومت ۾لکين ماڻهن کان روزگار کَسيو ويو، هيءَ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران انهن کان روزگار کَسي رهي آهي. بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته هاڻي عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، جيالا ان جي گهر ۾ گهري کيس سياسي شڪست ڏيندا. پيپلزپارٽي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي جيالا سليڪٽڊ تبديلي سرڪار کي للڪاريندا ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت ٺاهي وٺندا. هن ملڪ ۾ سيليڪٽرز جي ڪلهن تي سوار ٿي تبديلي نه پر تباهي آندي وئي آهي پر هاڻي 70 ورهين جي رانديگر جو وقت ختم ۽ نوجوانن جو شروع ٿي چڪو آهي. عمران خان ٻُڌي ڇڏي، هاڻ ان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، اسين ڪپتان کي ان جي گهر ۾ گهڙي سياسي شڪست ڏينداسين ۽ ملڪ ۾ عوامي راڄ قائم ڪنداسين، اسين ڀٽوجي منشور تي عمل ڪنداسين، اسان کي حڪومت جو موقعو ڏنو وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي هدايتن تي عمل نه ڪري عوام کي ريليف ڏئي سگهجي ٿو، وفاقي حڪومت هر اداري تي حملا ڪري رهي آهي. هن ڪٺ پتليءَ کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، سيليڪٽڊ رڳو سيليڪٽرز جي ئي خدمت ڪري سگهي ٿو. اسين سيليڪٽرز کان به حساب وٺنداسين.
110