94

سرڪاري ملڪيتن تان حد دخليون ختم ڪرايون وڃن، صوبائي حڪومتون جلد قانونسازي ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪاميٽي، ڪنسٽريڪشن ۽ ڊيولپمينٽ جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سرڪاري ايراضي جي 28 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي ، هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي حد دخلين جي نشاندهي ٿي آهي، واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن  اٿارٽي ۽ ريلوي جي زمينن تي حد دخليون قائم ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته سرڪاري  ملڪيتن تان حد دخليون ختم ڪرايون وڃن، صوبائي حڪومتون  جلد  قانون سازي ڪن، صوبا ئي حڪومتون ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا سروي آف پاڪستان سان گڏ ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي،صوبائي حڪومتون ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري حد دخلين جي خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي اثرائتي نموني پيروي ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو