122

حڪومت سينيٽ ۾ به مخالف ڌر کي شڪست ڏئي ڇڏي، صحافين جي تحفظ ۽ نيب قانون ۾ ترميم سميت ڪيترائي بل منظور

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ )حڪومت سينيٽ ۾ اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر کي وڏي شڪست ڏئي صحافين جي تحفظ ۽ نيب سميت ڪيترائي بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. جمع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾مخالف ڌر جي ميمبرن جي غيرحاضري جو  فائدو وٺي حڪومت آخري وقت ۾ اهي بل به منظور ڪرائي وئي جيڪي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هئا. بلن جي حق ۾ حڪومتي ڌر جا 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا. اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر سينيٽ چيئرمئن جي ڊائيس جو گهيرو ڪري سخت احتجاج ڪندي رهي ۽ اضافي ايجنڊا وارن بلن جون ڪاپيون ڦاڙي سينيٽ جي چيئرمئن ڏانهن اڇلائيندي رهي. نيب ترميمي بل جي منظوري کان پوءِ هاڻي نيب جو پراسيڪيوٽر  جنرل ٽن سالن کان پوءِ ٻيهر پڻ مقرر ٿي سگهندو، صحافين جي تحفظ بابت بل هيٺ صحافين جي حفاظت لاءِ اپاءِ ورتا ويندا. سينيٽ جي اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بل 2021ع پيش ڪرڻ جي رٿ ڏني، جنهن جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين بل شق وار منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو. سينيٽ جي اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ان سلسلي ۾ رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر ميمبرن بل پيش ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. جنهن کان پوءِ چيئرمين بل شق وار منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. سينيٽ ۾ سينيٽر انور لال دين رٿ تي گارڊينز اينڊ وارڊز (ترميمي) بل 2021ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ منظور ڪئي وئي.  پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ان سلسلي ۾ رٿ تي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ٻيو ترميمي) بل 2021ع منظورڪيو ويو.  سينيٽر هدايت الله پاران اٿاريل عوامي اهميت جي معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي مدي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. سينيٽر ثمينه ممتاز جي رٿ تي سينيٽ آئيني (ترميمي) بل 2021ع بابت قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جون رپورٽون پيش ڪرڻ جي تاريخ ۾ 60 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزيره مختلف بلن جي لاءِ جدا جدا رٿون پيش ڪيون جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. ڪميٽي ڏانهن موڪليل بلن ۾ نوڪري وارن هنڌن تي عورتن جي تحفظ جو (ترميمي) بل 2021ع، ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن (ترميمي) بل 2021ع، ننڍي عمر جي ٻارن جي نظم عدل (ترميمي) بل 2021ع ۽ اسلام آباد گادي واري شهر ۾ ٻارن جي تحفظ (ترميمي) بل 2021ع شامل آهن. حڪومتي ميمبرن قانونسازي دوران مختلف بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن موڪلڻ جي سينيٽ چيئرمين جي فيصلي تي اعتراض ڪندي چيو ته بل اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن موڪلڻ بدران ايوان کان راءِ وٺڻ گهرجي. جمع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ٻارن ۽ عورتن جي حقن بابت ٻه بل چيئرمين جڏهن اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن موڪليا ته پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن ان تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته اهي بل اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن موڪلڻ بدران ايوان کان ان تي راءِ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو مخالف ڌر جا ميمبر سينيٽر ئي نه آهن، حڪومتي بينچن تي ويٺل به سينيٽرز آهن، انهن جي راءِ جو احترام ڇو نه پيو ڪيو وڃي. چيئرمين چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين مان بل جلد واپس اچي ويندا. ان دوران صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت بل جي اضافي ايجنڊا پيش ڪرڻ تي چيئرمين اعتراض ڪيو ۽ چيو ته رات ساڍي 10 وڳي اها ايجنڊا اسان کي ملي آهي، ايئن نه ڪرڻ گهرجي، ان کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليون ٿا. مخالف ڌر جي ميمبرن به ان تي سخت احتجاج ڪيو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائس ويجهو گڏ ٿي ويا. قائد ايوان ٻيهر ايوان جي راءِ وٺڻ تي زور ڀريو. ان دوران حڪومتي سينيٽرز به پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا جنهن تي چيئرمين ڳڻپ ڪرائي ته رٿ جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا جنهن کان پوءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو ته ان جي منظوري ڏني وئي پر مخالف ڌر ميمبر لاڳيتو چيئرمين جي ڊائس اڏو بيهي احتجاج ڪندا رهيا ۽ اضافي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي چيئرمين طرف اڇلائيندا رهيا.سينيٽ مان منظور ٿيل صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ايڪٽ) بل 2021ع هيٺ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ لاءِ آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو، صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي رازداري جو حق حاصل هوندو ۽ انهن کي خبر جو ذريعو ٻڌائڻ جي لاءِ ڌمڪي يا زبردستي يا مجبور نه ڪري سگهبو، ميڊيا مالڪ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مقرر ڪيل معيارن تحت لائيف اينڊ هيلٿ انشورنس ڏيندا. ميڊيا مالڪ صحافين کي وقت تي پگهار ڏيڻ جا به پابند رهندا. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ جي لاءِ آزاد ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پي ايف يو جي، نيشنل پريس ڪلب، پي آر اي، انساني حقن واري وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا نمائندا شامل هوندا. وفاقي حڪومت ڪميشن جي چيئرپرسن جي ٻن سالن لاءِ مقرري ڪندي، ڪميشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عورتون ميمبر طور شامل ڪيون وينديون. ڪميشن وٽ اٽڪل سول ڪورٽ جهڙا اختيار هوندا، ڏوهه ڪميشن جي حدن کان ٻاهر هوندا ته معاملي کي مئجسٽريٽ وٽ موڪلي ڇڏيندو، ڪميشن آڏو ٻڌڻي عدالتي ٻڌڻي تصور ٿيندي، سٺي نيت سان ڪيل قدمن تي ڪميشن ۽ آفيسرن کي ڇوٽ حاصل هوندي. بل هيٺ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي زندگي جي حفاظت لاءِ اپاءِ ورتا ويندا. جيئن آئين جي آرٽيڪل (9) ۾ چيو ويو آهي، ڪو شخص، ادارو اهڙو قدم نه کڻي سگهندو جنهن سان ڪنهن صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنل جي زندگي جي حق ۽ حفاظت جي ڀڃڪڙي ٿئي. حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي اغوا يا کنڀجڻ کان تحفظ ڏيندي. اهي بنا ڊپ ۽ خطري جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي رازداري جو حق مليل هوندو، ان جي پڪ ڪئي ويندي ته انهن جي رازداري جي حق جي ڪو شخص، آفيسر، ايجنسي يا ادارو لتاڙ نه ڪري. صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي قانون موجب راءِ جي اظهار جو حق هوندو. بل هيٺ اهڙو مواد شايع يا نشر ڪرڻ تي پابندي هوندي جنهن سان قوميت، نسلي، مذهبي نفرت وڌڻ جو امڪان ٿئي يا جيڪو فرق، دهشت يا تشدد کي هٿي ڏيندو هجي. نسلي، لساني، ثقافتي يا صنفي نفرت پکيڙيندڙ مواد جي تخليق تي پڻ پابندي هوندي. بل هيٺ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي لاءِ اها ڳالهه لازمي قرار ڏني وئي آهي ته اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جنهن جي غلط يا ڪوڙي هجڻ جي ان صحافي کي خبر هجي، جيڪو ايئن ڪندو ان جي خلاف ڪيس هلايو ويندو. ڪو سرڪاري شخص يا ادارو صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز تي تشدد ڪري، اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪري، ته اهي ان جي خلاف 14 ڏينهن جي اندر ڪميشن وٽ شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. وفاقي محتسب يا لاڳاپيل ادارو 14 ڏينهن جي اندر جانچ ۽ قانوني ڪارروائي جو قدم کڻندو. صحافي جي شڪايت تي ڪميشن مشاورتي ڪميٽي قائم ڪندو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته شڪايت کي ٻڌڻ گهرجي يا نه، ڪميشن ان ڳالهه جي پڪ ڪندو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي قانوني ڪارروائي ٿئي. صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي ڌمڪي، تشدد، ڏاڍ جي حوالي سان ڪنهن کي به قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي. متاثر صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي قانوني معاونت پڻ ڏني ويندي. بل هيٺ ڪميشن صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي حڪومت، ڳجهي ايجنسي، اٿارٽي يا اداري کان معلومات حاصل ڪندو، انهن کان رپورت، دستاويز، ڊيٽا يا ثبوت گهرندو. لاڳاپيل حڪومت، ايجنسي يا ادارو 14 ڏينهن ۾ جانچ ۽ ڪارروائي ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو