97

سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين خلاف قرارداد منظور،اپوزيشن جو گوڙ، وفاق مسئلا حل نٿو ڪري ته اختيار اسان کي ڏنا وڃن: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   سنڌ اسيمبلي  ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور، ايوان ۾ صوبائي سرڪار طرفان وفاق تي پاڻي ۽ گئس جا مسئلا حل نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪندي چيو  ويو آهي ته گئس جي ورهاست جا اختيار سنڌ کي ڏنا وڃن، مخالف ڌر پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ وفاق سان ڳالهيون ڪري سنڌ جو ساٿ ڏئي، وفاقي سرڪار ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ وٺي، گذريل ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپيت اسپيڪر ريحانه  ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته پنجاب گريٽر ٿر ڪينال ٽُو ۽ جلال پور ڪينال ٺاهي وڌيڪ 18 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڄام خان شورو چيو ته  سنڌ کي ان تي سخت اعتراض آهن مخالف ڌر به هن مسئلي تي اسان جو ساٿ ڏئي،اهن چيو ته  حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، جلال پوري ڪينال ڪڍي پاڻي کنيو پيو وڃي، ان سان سنڌ کي وڌيڪ نقصان ٿئي پيو، مخالف ڌر وارا ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائين جئين ڪو مسئلي جو حل نڪري. توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ گيس جي ڊسٽريبيوشن جا اختيار سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته گيس نڪري به سنڌ صوبي مان ٿي پر محروم به سنڌ کي ڪيو پيو وڃي اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جا فيصلا قبول ناهن، ايوان ۾ ڳالهائيندي امتياز احمد شيخ چيو  ته وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري گئس جي بحران جو مسئلو آهي، سنڌ جو عوام ٻٽي عذاب ۾ آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ گئس نه پئي اچي، ٻار صبح جو اٿن ٿا ته ناشتو نه ٿو ملي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ عوام کي ڪاٺيون گڏ ڪري کاڌو پچائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته وڏي وزير گئس جو مسئلو مختلف فورمن تي اٿاريو آهي، پر وفاق طرفان گئس بحران جي حل لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن،هاڻي گئس به دوا وانگر ٽي ٽائيم ملندي، هن چيو ته گئس جي پيداوار سنڌ ۾ وڌيڪ آهي، ان ڪري سوئي سدرن جو نظام به سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت کان اهو سنڀاليو نه ٿو ٿئي، توانائي جا 4 وزير تبديل ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اوگرا ۾ ننڍن صوبن جي نمائندگي نه آهي، ڪجهه ماڻهو فيصلا ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ اڃا سي ۾ شدت نه آئي آهي، وفاقي حڪومت جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي، جو هو گئس بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي بي ٽيم ٿي وئي آهي، ڪيترائي ڀيرا تيل جا اگهه وڌايا آهن، سي اين جي پمپ بند ڪيا پيا وڃن، هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن،صحت کاتي بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو وفاقي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهين جي معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، قاسم سومرو ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار پاران ملڪ ۾ هزارين بيگناهه شهرين جو رت وهائيندڙ تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻي سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي،هن چيو ته ٽي ٽي سان ڳالهيون بنا مشوري جي ڪيون پيون وڃن، ان پارٽي طرفان سپاهين ۽ سياسي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جيستائين ان پاليسي تي بحث نه ڪيو ويندو، ملڪ کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، ان بعد ٺهراءُ ايوان مان پاس ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ  ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جيڪا نه ملي ان تي مخالف ڌر ايوان ۾ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آئي ميمبرن پاران ڊپٽي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان دوران ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي جي شروعات ۾ سجاول ۾ زيادتي جو شڪار ٿيندڙ حسينه سهتو جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالڪريم سومرو جي والده ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز شاهه جي وفات تي مغفرت جي دعا ڪئي وئي. ايوان ۾ غلام قادر چانڊيو، سڪندر مينڌرو ۽ نويد قمر جي صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ جي ٻيلي کاتي واري وزير تيمور ٽالپر چيو آهي ته ٺٽي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي ليز سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رد ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ چاهي ٿي ته هتي ٻيلا قائم ڪيا وڃن. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ جنگلات کاتي بابت سوالن جوابن واري وقفي دوران ميمبرن جي لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پوري سنڌ جي جيتري به زمين آهي اها ڪينسل ٿي آهي زمينون سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڪينل ڪيون ويون، سنڌ ڪابينه پاليسي منظور ڪئي آهي، اسان اتي سئو سيڪڙو وڻ لڳائينداسين. هن چيو ته اسان فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ايڪٽ تحت خلاف ورزي ڪندڙ تي ڏنڊ به لاڳو ڪنداسين. تيمور ٽالپر چيو ته مينگروز 3 لک 59 ايڪڙ زمين تي پلانٽيشن ڪئي آهي، اسان مينگروز جو رڪارڊ بڻايو آهي. 9 سيڪڙو سنڌ جي زمين آهي اسان جنگلات کاتي جي زمينن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ايڪشن کڻي رهيا آهيون. 1600 ايڪڙ زمين اسان ريڪور ڪرائي آهي. انهن زمينن تي وڻ به لڳايا ويندا. هن چيو ته سنڌ جي ٻن ضلعن ۾ اڃا ايڪشن هلي رهيو آهي. دنيا جون اکيون اسان جي ڪوسٽل بيلٽ تي آهن، 12 سال اڳ اسان مينگروز تي ڪم شروع ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو