97

اليڪشن ڪميشن ووٽنگ مشين سان چونڊ ڪرائڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي: فروغ نسيم

اسلام آباد (م ڊ)قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم سان چونڊ ڪرائڻ کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي، اپوزيشن  قانون کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر جي ڪوشش هئي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس نه ٿي، قانون ۾ ڪجهه غير پارلياماني يا غير قانوني آهي ته ٻڌايو،جيڪو قانون توهان پڙهيو ئي ناهي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيئن چئلينج ڪندو، اپوزيشن ڪو بل منظوري ڪرائڻ نٿي چاهي، هن چيو ته اي وي ايم سان چونڊون ڪرائڻ سان اليڪشن ڪميشن جو ڪردار ختم نه ٿيندو، اها قانون مطابق ڪم ڪندي،ڪلڀوشن بابت قانون رڳو هڪ شخص لاءِ پر سڀني لاءِ آهي احساس معاملن تي  سري عام نه ڳالهائڻ گهرجي، هن چيو ته اسان طلاق بابت عورتن جي حقن ۽ ملڪيت ۾ ورهاست بابت قانون به منظور ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو