101

توهين عدالت ڪيس ۾گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم کي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي بيان حلفي جي خبر تي توهين عدالت ۾ ڌُرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلفي بيان تي ٻڌل خبر شايع تي توهين عدالت جي لِکت وارا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. شوڪاز نوٽيس رانا شميم، سينيئر صحافي انصار عباسي، اخبار جي مالڪ ۽ ايڊيٽر کي موڪليا ويا آهن. شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڇو نه غلط خبر ذريعي توهين عدالت ڪرڻ تي اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 7 ڏينهن ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيو ۽ 30 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو