102

دودو ڀيل ڪيس جي فريادي ۽ جوابدار ڌر ۾ مبينا ٺاهه، هڪ ڪروڙ رپيا ۽ 5 نوڪريون ملنديون

مٺي/اسلام ڪوٽ (نمائندن وٽان) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪجھه مهينا اڳ اسڪريپ چوري جي الزام هيٺ سيڪيورٽي گارڊن جي سخت تشدد سبب فوتٿيل ڳوٺ ابن جي تڙ جو رهواسي پورهيت دودو ڀيل جي قتل ڪيس جي جوابدارن ۽ مقتول دودو ڀيل جي وارثن وچ ۾ ڪيس کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاھه ٿيڻ جو انڪشاف سامهون ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٻنهي ڌرين ۾ ٻه ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر ڳوٺاڻن ۽ ڪمپني جي هڪ عملدار جي معرفت ٿيل ڳالهين موجب جوابدار ڌر مقتول دودي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا روڪ رقم، جڏهن ته ڪمپني پاران دودي جي ٻن پٽن جي پڙهائي جي خرچ سميت گهرڀاتين کي پنج نوڪريون ڏنيون وينديون، ان عيوض فريادي ڌر جوابدارن خلاف داخل ڪرايل ڪيس تان هٿ کڻندي، چيو وڃي ٿو ته مقتول دودي جي وارثن کي جوابدار ڌر پاران 20 لک جو چيڪ ايڊوانس طور ڏنو ويو آهي، باقي رقم باقاعده ڪيس ختم ٿيڻ بعد ادا ڪئي ويندي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ مقتول دودي ڀيل جي ڀاءُ عالم ڀيل ڳالهين جي تصديق ڪندي چيو ته اسان سان مخالف ڌر پاران هڪ ڏينهن ٺاھه لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي، ڳالهيون اڃان هلي رهيون آهن، اسان کي چيو ويو آهي ته توهان ٺاھ ڪريو ته توهان کي جوابدارن پاران  ڪروڙ رپيا روڪ ۽ ڪمپني پاران دودي جي گهر واري کي تاحيات پگهار، ٻارن جي يونيورسٽي تائين پڙهائي جو خرچ ۽ پنج نوڪريون ڏنيون وينديون، انهي لاءِ پهرين 30 لک ڏنا ويندا، باقي رقم بعد ۾ ڏيندا پر اسان چيو آهي ته پهرين هڪ ڪروڙ رپيا ايڊوانس ۾ ڏيو، جنهن بعد اسان ڪيس تان هٿ کڻنداسين، ان تي هنن ٻه ٽي ڏينهن جي مهلت گهري آهي، هن تيديد ڪندي چيو ته مون کي اڃان تائين جوابدار ڌر جي پاران ڪابه رقم نه ملي آهي، باقي ڳالهيون هلن پيون جيڪي هڪ ٻه ڏينهن ۾ فائنل ٿي وينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو