125

سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان سيڪريٽري اطلاعات جي ملاقات، کاتي جي مسئلن بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ سان سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي چيف سيڪريٽري سنڌ کي بريفنگ ڏيندي کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ ۽ ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي ۽ مختلف کاتن ڏانهن رهتن بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي، جڏهن ته نئين ايڊورٽائزمينٽ پاليسي جي حوالي سان به آگاھي فراهم ڪئي. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي چيف سيڪريٽري سنڌ کي ميڊيا هائوسز پيمرا ۽ سيڪريٽري اطلاعات پنجاب سان ٿيل ملاقات جي حوالي سان ٻڌايو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ اطلاعات کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي سيڪريٽري سروسز کي هدايت به جاري ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو