91

آءِ ايم ايف جي مطالبي تي حڪومت هر مهيني پيٽرول ليوي ۾ 4 روپيا 95 پئسا واڌ ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نيويارڪ /اسلام آباد  ( م ڊ / بيورو رپورٽ ) پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان  قرض جي قسط وٺڻ لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ اسٽاف سطح تي  ڳالهيون ڪندڙ ٽيم قرض جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ سفارش ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرز جي قسط ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽرول تي ليوي 30 روپيا ڪرڻ ۽ بجلي وڌيڪ  مهانگي ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪري ورتو آهي. اسٽاف سطح تي  ڳالهيون ڪندڙ ٽيم قرض جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ سفارش ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي قرض جاري ڪرڻ جو فيصلو  آءِ ايم ايف جو  ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو. ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جي جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قرض پروگرام جي بحالي شرطن تي عمل ڪرڻ سان ئي مشروط آهي، حڪومتي ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي. ٽئڪس بيس ويتر وڌائڻ ۽ ٽئڪسن جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي، اينٽي مني لانڊرنگ ۽ڪائونٽر ٽيرر فنانسنگ ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻو پوندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيو آهي ان ۾ اڃان پڻ واڌ جو امڪان آهي، روپيي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جي ڊي پي گروٿ 4.5 سيڪڙو رهڻ ۽ مهانگائي وڌڻ جو امڪان آهي. ٻي پاسي اڻي واري وزير شوڪت ترين  توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدو ٿي ويو آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي پر اسٽاف معاهدو ڪاميابي سان ٿي چڪو آهي. معاهدي هيٺ آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر  ڏيندو، ان کان پوءِ مجموعي طور تي 3 ارب ڊالر ٿي ويندا. هن چيو ته پيٽروليم ليوي ۾ هر مهيني 4 روپيا واڌ ڪرڻ سميت 5 اهم قدم کڻڻا پوندا. اسان کي پيٽروليم ليوي ۾ 4 روپيا هر مهيني واڌ ڪرڻي آهي ته جيئن اها 30 روپيا ٿي وڃي، هن چيو ته ڪووڊ جي خرچن جو آڊٽ به ڪرڻو آهي، انهن جي معاهدن بابت اهم معلومات پيپرا جي ويب سائيٽ تي شايع ڪئي ويندي آهي . ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي هيٺ بجلي مهانگي ڪرڻي آهي پر اها ڪجهه مهينن کان پوءِ ئي ڪنداسين، بجلي جا اگهه پراڻن معاهدن سبب  ئي ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو