94

سنڌ اسيمبلي ۾ تڪراري رٿائن گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور

ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ اسيمبلي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ خلاف  اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، سنڌ اسيمبليءَ پاڻي جي 1991ع واري پاڻي معاهدي جي دفاع جو اعلان ڪندي وفاق کان تڪراري ڪئنالن جون رٿائون بند ڪرڻ جي گهُر ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ جي ڊي اي  پاران ايم پي ايز فنڊ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ دير سان 3 وڳي شروع ٿيو، اجلاس ۾ سوال جوابن کان پوءِ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري  سنڌو نديءَ مان گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ خلاف  ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ انهن رٿائن کي تڪراري ۽ غيرقانوني قرار ڏيندي انهن جي مذمت ڪئي وئي ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته انهن تڪراري رٿائن کي ترت ئي بند ڪيو وڃي. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي  صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو زندگي ۽ موت جو آهي، سنڌ سڪي رهي آهي، ان صورتحال ۾ پنجاب ۽ وفاق ملي ڪري جلال پور ڪئنال ۽ چوپارا ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبا ٺاهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. ايئن هر گز ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ٻين صوبن ۾ زمين هيٺ پاڻي مٺو آهي پر سنڌ جو مڪمل دارومدار سنڌو نديءَ جي پاڻي تي آهي، ملڪ ٺهڻ کان اڳ ڪوٽڙي ۽ گڊو ۽ بئراج ٺهيا، معاهدي ۾ لکيو ويو ته سنڌ جي رضامندي کان سواءِ پاڻي جو ڪوبه منصوبو نه ٺهندو،  ايوب خان جي دور ۾ راوي ستلج ۽ بياس وڪرو ڪيا ويا، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ته پنهنجي ملڪ جون نديون دشمن ملڪ کي وڪرو ڪئي وئي، انهن ندين جي وڪري سان مليل ناڻي سان تڪراري ڪئنال ٺاهيا ويا. هن چيو ته 1945ع جي معاهدي موجب 48 ايم ايف سنڌ ۽ 48 ايم ايف پاڻي پنجاب کي ڏنو ويو، 91ع پاڻي جو جيڪو معاهدو ٿيو ان ۾ سنڌ کي 48 ايم ايف ۽ پنجاب جو 7 ايم ايف حصو وڌايو ويو ۽ سي سي آئي ان معاهدي کي منظور ڪري ارسا جو ادارو ٺاهيو ، جنهن جو ڪم ان تي عمل ڪرائڻ هو، هن چيو ته 2003ع ٿري ٽيئر فارمولا ايجاد ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ شروع ڪيو ويو، 99 کان وٺي 22ع تائين رڳو ٻه سال اهڙا هئا جن دوران ٻوڏ آئي، جلال پور ڪئنال وسيلي 1 لک 80 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ مٿان وري گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ڪڍي پنجاب جي 18 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ سڄي سڪي رهي آهي اسان اهڙا منصوبا ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، جي ڊي اي ۽ متحده وارن جا ٿورائتا آهيون جن هن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اجازت کان سواءِ سنڌو نديءَ تي زون قائم ڪيا ويا آهن، ون يونٽ جو فائدو کڻي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو، هاڻي منگلا تي 46 ايم ايف پاڻي موجود آهي ته پوءِ سنڌو مان پاڻي ڇو پيو کنيو وڃي، هر سال نيون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، ڄام خان شورو چيو ته اسان 91ع واري معاهدي جي هڪ لفظ ۾ به ڦير ڦار ڪرڻ نه ڏينداسين ، سنڌ جا ڪئنال شاخون سڪل ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويون آهن، ان صورتحال ۾ ڪئنال ٺاهيا ويا ته اهو وڏو نقصان ٿيندو، وفاق آڏو سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪريون ٿا ته ڪئنالن جا منصوبا بند ڪيا وڃن. جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته سنڌ جي پاڻي، گئس سميت هر  معاملي تي سنڌ سرڪار سان گڏ آهيون، سنڌو نديءَ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته متحده وارا چون ٿا ته رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، ايئن نه آهي سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪييو ته مخالف ڌر جي ايم پي ايز جا فنڊ بحال ڪيا وڃن. متحده پ پ جي پاڻي رٿائن خلاف ٺهراءَ جي حمايت ڪئي ۽ ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ سرڪار خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو، متحده جي محمد حسين چيو ته اسان وفاقي حڪومت جا اتحادي آهيون ان ڪري ٺهراءُ مان مذمت واري لفظ جا حامي نه آهيون ان ڪري ٺهراءُ ۾ ترميم ڪري مذمت بدران اهو شامل ڪيو وڃي ته سنڌ جي راضپي کان سواءِ تڪراري منصوبا نه ٺاهيا وڃن،  هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، ڪراچي جا شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، اسان گريٽر ٿل ڪئنال جا مخالف آهيون، پر ڪراچي جي شهرين کي به پاڻي جو حق ڏنو وڃي، هن چيو ته اسان سنڌ جي پاڻي، زراعت ۽  اين ايف سي ايوارڊ لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو نه ٺهڻ گهرجي اسان ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. متحده جي پارلياماني اڳواڻ ڪنور نويد جميل ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته وفاق ۾ اتحادي هجڻ باوجود سنڌ جي حق لاءِ بيٺل آهيون، هن چيو ته متحده جا ميمبر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪن ٿا ان بعد متحده ميمبرن ٽوڪن واڪ آئوٽ به ڪيو،  پ پ ايم پي اي رياض حسين شاهه شيرازي  چيو ته وفاقي سرڪار هڪ سازش تحت نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿي، ٺٽي ۽ سجاول جي 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ رپورٽ آيل آهي ته 2050 ۾ سمنڊ ٺٽي کي به ڳڙڪائي ويندو، جيڪڏهن سنڌو نديءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه ڇڏيو ويو، هن چيو ته تڪراري منصوبا ٺهيا ته اهي سنڌ ۽ ملڪ لاءِ انتهائي خراب ۽ نقصان وارا هوندا، اهڙن منصوبن مان ملڪ کي خطرو آهي، ان سان سنڌ جي ماڻهن ۾ نفرت جنم وٺندي.پ پ جي امداد پتافي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل ٺهراءُ سبب ڪالا باغ ڊيم نه ٺهيو ۽ اميد آهي ته هن ٺهراءُ جي پاس ٿيڻ سان گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو به نه ٺهندو. هن چيو ته هي ملڪ  ڪنهن  جي پيءَ جي جاگير نه آهي جو پاڻي ٺاهه کي نه ٿو مڃيو وڃي، سنڌ جا ماڻهو مري ويندا  ٿل ڪئنال فيز ٽو ٺهڻ نه ڏيندا.اڳوڻي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته  سنڌ کي ٿڦڙ مٿان ٿڦڙ هنئي پئي وڃي، اڳ به ظلم سٺو آ پر مرنداسين نه، جمهوري دور ۾ ڪنهن کي آمر نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مشرف به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان ٺاهڻ نه ڏنوسنڌ جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي رڳو ڳالهين ۽ تقريرن سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو ڪمائي ڏئي ٿو پر پوءِ به سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي1991 ع واري معاهدي تي به سنڌ کي اعتراض هئا اسان جو مطالبو هيو ته ڪراچي کي الڳ پاڻي جو حصو ڏنو وڃي ڇو ته هتي ٻين سمورن صوبن جا ماڻهو رهن ٿا. هن چيو ته اسان سان نه ڦٽايو  سنڌ کي تنگ نه ڪيو هر ڪاوڙ سنڌ تي ڪڍن ٿاکائين به اسان جو ۽ وڙهن به اسان سان ٿا. ان کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي ايوان مان  گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو،  جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبر ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اڳ ۾ ئي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا هئا، بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري  اجلاس اربع ڏينهن منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو