ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت سمورا ڪم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ ٿي. صوبائي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪارروائي بابت تفصيل جمع ڪرايا.
اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي دوران سنڌ جو چيف سيڪريٽري پيش نه ٿيو. بلديات جو سيڪريٽري پيش ٿيو، جنهن دستاويز ۽ ڊيٽا ڏيڻ جي مهلت طلب ڪئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي 30 نومبر تائين سمورا ڪم مڪمل ڪري ضروري دستاويز ڪميشن حوالي ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 30 نومبر تائين سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم مڪمل نه ڪيو ته پهرين ڊسمبر کان سنڌ ۾ تڪ بنديون شروع ڪيون وينديون. صوبائي اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪندي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي رويي مان لڳي ٿو ته صوبائي حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده نه آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020 تي ختم ٿي ويو هو. بلدياتي ادارن جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
