ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ ميرپور خاص ۾ دلس جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
